ڏاهري، جان محمد: سردار رئيس جان محمد ڏاهري ولد مرحوم سردار گل محمد خان ڏاهري، 1937ع ۾ ڳوٺ سردار رضا محمد ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاھہ (موجودہ بينظير آباد) ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد 1956ع ۾ مئٽرڪ دوران پڙهڻ ڇڏي ڏنائين. رئيس جان محمد ڏاهري سياست ۾ ڪڏهن بہ حصو نہ ورتو، پر سندس ڀائر چونڊن ۾ بيهندا هئا، ۽ سندن حمايت ڪندو هو. پس پردہ سياسي جوڙ توڙ ڪرڻ ۽ راڄ ۽ علائقي جي ماڻهن جا ڪم ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو رهيو. روزانو صبح سوير اباڻي ڳوٺ مان نڪري دولتپور شھر ۾ پنھنجي بنگلي تي اچي ويهندو هو ۽ علائقي جي ماڻهن جا مسئلا ۽ مشڪلاتون ذات پات جي فرق کان سواءِ حل ڪندو هو. سڄو ڏينهن ماڻهن جي مسئلن حل ڪرڻ کان پوءِ شام جو ڳوٺ ويندو هو. کيس فيصلي ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ خداداد لياقت هئي. جيئن سندس خاندان جو پهريون سردار جان محمد ڏاهري، ڪلهوڙن جي دور ۾ دانائيءَ ۽ عقلمنديءَ ۾ مشھور هو، تيئن هي بہ سندس همنام هئڻ ڪري ڏاهپ ۽ واکاڻ ڀريا فيصلا ڪندو هو. کيس سٺي زمينداري رهي. حد درجي جو مهمان نواز ۽ اوطاقي رهيو.