ڏاهري، غلام محمد: ڊاڪٽر غلام محمد ولد حاجي ﷲ ڏنو ڏاهري 1958ع ڌاري ڳوٺ سوڀي ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاھہ ۾ ڄائو. ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري قرآن جو حافظ، فارسي ۽ عربيءَ جو عالم آهي. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ورتائين. مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي اسلامڪ ڪلچر ۾ 1986ع ۾، ايم. اي عربي 1988ع ۾، ايم. اي فارسي 1990ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪيائين. ڪجهہ عرصي تائين مختلف اسڪولن ۾ عربي استاد طور رهيو. 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين. 1992ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ اسلامڪ ڪلچر جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1995ع ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ مقالو مڪمل ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي فارسي ڪتاب ’سراج المعلى‘ تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين ۽ مخدوم ابوالحسن جو ٻيو ڪتاب ’بنواس تصريف فارسيه‘ بہ هن جي ترجمي ۽ تحقيق سان 1996ع ۾ شايع ٿيو.