ڏاهري، محمد شريف: محمد شريف ولد سڄڻ خان ڏاهري نامور سگهڙ آهي. هن 1934ع ڌاري ڳوٺ تاج محمد ڏاهري، تعلقي شاهپور چاڪر، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ابتدائي طور چار درجا سنڌيءَ جي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد اڳتي پڙهي نہ سگهيو. ننڍي هوندي ئي کيس اوطاقي ڪچهرين سان لڳاءُ هو، تنهن ڪري نوجوانيءَ ۾ سگهڙپائيءَ جي فن سان وابستہ ٿيو. سگهڙپائيءَ جي هر صنف جو وٽس ڏانءُ هو. ڳجهارت، سينگار، هنر، ڏٺ، ڏهس، نصيحت وغيرہ ٺاهڻ جي چڱي ڄاڻ هئي. هن جي آواز جي آلاپ ۾ قدرتي ڇڪ آهي. ٽي- وي ۽ ريڊيي تي بہ ڳائي چڪو آهي. هيءُ ڳوٺ امان ﷲ ڏاهري، شاهپور چاڪر، ضلعي سانگهڙ ۾ رهائش پذير هو ۽ ڪجهہ سال ٿيندا تہ گذاري ويو آهي.