ڏاهري ﷲ ڏنو

ڏاهري، ڏنو: نامور سماجي ڪارڪن ڏني ولد اميد علي ڏاهريءَ، 1920ع ۾ ڳوٺ صوڀي ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاھہ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ والد جي وفات سبب چاچي جي هٿ هيٺ سندس پرورش ٿي. قرآن مجيد جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ مفتي محمد دائود ٻگهيي کان حاصل ڪيائين. ڪنهن بہ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ خانگي طريقي سان سنڌي لکڻ پڙهڻ سکيو. سماجي معاملن ۾ تمام گهڻو سرگرم رهندو هو، ننڍا وڏا مسئلا راڄوڻي طريقي سان حل ڪري ماڻهن کي تڪرارن کان بچائيندو هو. کيس روينيو ۽ ايريگيشن جي معاملن ۾ مهارت حاصل هئي. انهن کاتن جا آفيسر بہ کانئس مشورا وٺندا هئا. هي پرهيزگار ۽ متقي شخص هو. 1972ع ۾ حج ڪيائين. 1986ع ۾ پنھنجي ڳوٺ جي ڊٺل مسجد تعمير ڪرايائين ۽ ڳوٺ ۾ ’مدرسہ عربيه محمديه‘ نالي ديني درسگاھہ قائم ڪيائين، جتي اڄ تائين ڪيترا طالب علم تعليم پرائي رهيا آهن. ڏتو ڏاهري، درگاھہ ٺلاھہ جي پير مٺل جو مريد هو. ڪيترا ديني جلسا ڪرايائين. حاجي ڏني ڏاهريءَ، 13 جون 1990ع تي وفات ڪئي. کيس وصيت موجب پنھنجي ٺهرايل مسجد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو