
ڏاهپ جي واٽ
ڏاهپ جي واٽ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هندستان جي ممتاز ڪميونسٽ نامور دانشور ايم. اين. راءِ جي ڪتاب ’Historical Role of Islam‘ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب جو اردوءَ ۾ بہ ’اسلام ڪا تاريخي ڪردار‘ عنوان سان ترجمو ٿي چڪو آهي. ڪتاب جو سنڌي ترجمو انجينئر عبدالمالڪ ميمڻ ڪيو آهي. ايم. اين. راءِ جو شمار ڪميونسٽ فلاسافرن ۽ دانشورن جي پهرينءَ صف ۾ ٿيندو هو. هن هي ڪتاب جنهن پسمنظر ۾ لکيو هو، اهو پسمنظر اهو هو تہ هندستان ۾ انگريزن خلاف جدوجھد ۽ آزاديءَ جي جنگ شروع ٿي چڪي هئي. ايم. اين. راءِ محسوس ڪيو تہ آزاديءَ جي جنگ ۾ هندو مسلم اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. هن هندستان جي هندو ڌرم سان وابستہ آباديءَ کي ذهن نشين ڪرائڻ ٿي چاهيو تہ اسلام تنگ نظر ۽ جنگجو مذهب نہ آهي.
ايم. اين. راءِ انساني تاريخ جي گهري مطالعي ۽ مختلف مذهبن جي ڀيٽ ڪري ڄاڻايو آهي تہ اسلام، انسانيت کي توحيد ۽ مساوات جو سبق ڏئي احسان ڪيو آهي ۽ بنيادي انساني حقن جي ڏس ۾ اسلام جي تعليم بي مثال آهي. هن رسول اڪرم صہ ذريعي آندل اسلامي انقلاب کي صحتمند انقلاب قرار ڏنو آهي، جيڪو وقت جي خاص مادي، معاشي ۽ تاريخي حالتن جو نتيجو آهي. ايم. اين. راءِ اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ هندو آباديءَ تي ماضيءَ ۾ اسلام جي حوالي سان جيڪي ڏاڍايون ٿيون، اُهي اسلام جي ڪري نه، پر مذهب جي غلط تشريح ۽ حڪمرانن جي پاليسين جو نتيجو هيون. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ايم. اين. راءِ جي زندگيءَ ۽ عملي جـدوجـهـد تي روشـني وڌي وئي آهي، جڏهـن تہ ’پنھنجي پاران‘ جو نوٽ محمد موسيٰ ڀُٽي لکيو آهي.
هن ڪتاب جو ترجمو نهايت سليس زبان ۾ ڪيو ويو آهي. 107 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 16 رپيا آهي ۽ هي ڪتاب سنڌ نيشنل اڪيڊمي، حيدرآباد، 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.