ڏايا (ڏاها): هيءَ هڪ ذات آهي. جيڪي اصل ۾ بروهي آهن. هنن لاءِ مشھور آهي تہ: زهري بروهيءَ جي پٽ جو نالو ڏايو هو، جنهن جي پٺيان هي ڏايا ۽ ڏاها سڏجن ٿا. ڏايا بلوچي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ڀڄائڻ وارو. جنگ جو نغارو وڄائڻ واري کي بہ ’ڏايا‘ چيو ويندو آهي، راءِ بھادر هتورام، ڏايا کي موساڻي ڪري لکيو آهي.