
ڏاٽو
ڏاٽو: زراعت ۾ ڪم ايندڙ اوزار، جيڪو هارين کي ساريون، ڪڻڪ، ٻاجهري، لوسڻ، ڪمند ۽ ٻين فصلن توڙي گاهن لڻڻ وقت ڪم ايندو آهي. هيءُ تمام پراڻو اوزار آهي، جنهن جي مدد سان هارين کي لاباري ۾ ڪافي آساني ٿيندي آهي، ڏاٽو ٻن حصن تي مشتمل هوندو آهي، هن جو هڪ حصو لوھہ جو ۽ ٻيو ڪاٺ جو ٿيندو آهي. لوھہ واري حصي کي ’ڦر‘ چون، جنهن ۾ سنها ڏندا ٿين ٿا، جيڪي فصل کي ڪپيندا آهن. ڏاٽي جو ٻيو حصو ڪاٺ جو ٿئي، جنهن ۾ لوھہ وارو حصو مضبوطي سان ڦٻايل هوندو آهي. هن ڪاٺ واري حصي کي ’مٺيو‘ يا ’هٿيو‘ چون، جيڪو هٿ ۾ جهلڻ جي ڪم ايندو آهي. ڏاٽي جو ڦر اٺن انچن کان ڏهن انچن تي مشتمل هوندو آهي، جيڪو ٿورو وڪڙ ۾ پهرين تاريخن جي چنڊ وانگر هوندو آهي. لوهار لوھہ کي گرم ڪري ڪٽي ڏاٽو تيار ڪندا آهن. سنڌ ۾ ڏاٽي جو استعمال عام جام آهي، جيتوڻيڪ هاڻي مشينون لاباري جو ڪم ڏئي رهيون آهن، جنهن سبب ڏاٽي جو استعمال گهڻي قدر گهٽجي چڪو آهي.
ڏاٽو ڪجهہ مڙيل ۽ نئين اڀريل چنڊ نما هوندو آهي. ڏاٽي جو ذڪر شاعرن شاعريءَ ۾ بہ ڪيو آهي. شيخ اياز چيو آهي تہ:
سڄو ڏيھہ ڏاٽا ڪري جي اُڀا،
لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.