ڏاڏو هوت فقير: ڏاڏو هوت فقير ذات جو ميمڻ هو، ٽي سؤ ورهيہ اڳ هالا جي ڪاڪا محلي ۾ ڄائو هو. هي ننڍي هوندي کان ئي فقيراڻي ۽ درويشاڻي طبيعت جو مالڪ هو. ڏاڏو هوت فقير حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عھد جو بزرگ ٿي گذريو آهي. هو ڪورڪو ڪم ڪندو هو. هر وقت ﷲ جي عبادت ۾ مشغول هوندو هو. هڪ مشھور روايت آهي تہ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي گهر واري اميد سان هئي، حويليءَ تي خادم کي گهرائي پلو آڻڻ جي طلب ڪئي وئي، تڏهن پلي جي مُند ڪا نہ هئي. خادم پلي هٿ ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ڏانهن روانا ٿيا. هڪ خادم هالا ۾ ايندي درويش ڏاڏي هوت فقير وٽ اوطاق تي آيو ۽ پاڻي پي ويٺو. ڏاڏي هوت فقير کانئس احوال پڇيو تہ هن کيس سموري ڳالھہ ٻڌائي. فقير اڻت واري کڏ ۾ هٿ وجهي جيئرو پلو ڪڍي فقير جي حوالي ڪيو ۽ کيس روانو ڪيو. هوڏانهن شاھہ سائينءَ ان فقير جي پُڇا ڪئي تہ کيس ٻڌايو ويو تہ گهر وارن جي حڪم تي پَلو وٺڻ ويو آهي. شاھہ لطيف چيو تہ: ”اڃا صاحبزادو پيدا ڪونه ٿيو آهي جو پلا پيو طلبي، اهڙو اولاد ئي نہ گهرجي جيڪو اهڙين گرمين ۾ اسان جي فقيرن کي تنگ ڪري.“ چون ٿا تہ پوءِ اهو ٻارڙو ماءُ جي پيٽ ۾ سڪي ويو. هوت فقير جو مقبرو هالا ۾ ميمڻ قبرستان لڳ آهي. سندس مزار تي هر طبقي جا ماڻهو حاضري ڀريندا آهن.