ڏاڙهون

ڏاڙهون

ڏاڙهون

ڏاڙهون (Pomegranate): ڏاڙهونءَ جو نباتاتي نالو (Punica Granatum) آهي. ڏاڙهونءَ جي پوک گھڻو ڪري ايران ۽ افغانستان ۾ ٿيندي آهي. هن ميوي جي باري ۾ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هندوستان ۾ ڏاڙهونءَ جو ٻوٽو آرين جي ذريعي منتقل ٿيو يا وري سياحن معرفت آفريقا پهتو ۽ پوءِ بحريه روم جي مختلف ملڪن ۾ ان جي پوک شروع ٿي. چين ۽ ڪشمير ۾ ڏاڙهون وڌندڙ ٻوٽن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڏاڙهون جي وڻ جي اوچائي وڌ ۾ وڌ 20 فوٽ ۽ ان جي ويڪر ۽ گولائي 3 کان 4 فوٽ ٿيندي آهي. هن رسيلي وڻ ۾ ميوو گھڻو ڪري ڏهن کان ٻارهن سالن کان پوءِ لڳندو آهي. هڪ صحتمند وڻ 40 سالن تائين ميوو ڏيندو آهي. هن ميوي جي پيداوار ٿڌي، سٺي آبهوا ۽ سڻڀي زمين ۾ وڌيڪ سٺي ٿيندي آهي. انساني جسم کي هڪ سؤ گرام ڏاڙهونءَ 65 سيڪڙو توانائي ڏيندو آهي ۽ سؤ گرام ڏاڙهونءَ ۾ ڪيميائي جزن جو تناسب ڪجهه هن ريت آهي: پروٽين 1.6 سيڪڙو، فولاد 0.3 سيڪڙو، پوٽاشيم 2.4 سيڪڙو، سڻڀ 0.1 سيڪڙو، سوڊيم 1.1 سيڪڙو، ڪيلشيم 2.4 سيڪڙو، ميگنيشيم 3.1 سيڪڙو، ڪوپر 60 سيڪڙو، فاسفورس 7.5 سيڪڙو، نشاستو 175 سيڪڙو ۽ ڪلورائيڊز 52.5 سيڪڙو شامل آهي. هن ميوي جي طب ۾ وڏي اهميت آهي. حضرت علي عليه السلام کان روايت آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته، ”ڏاڙهونءَ کي ان جي اندرئين کل سميت ئي کائو، جو اها معدي کي نئين حياتي بخشي ٿي.“ طب ۾ ڏاڙهونءَ جي کل کي دوا طور واپرايو وڃي ٿو. ڏاڙهونءَ جي کل جو سفوف کائڻ سان پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿي ويندا آهن. بخار جي حالت ۾ کل سميت ڏاڙهون جو رس کنڊ ۾ ملائي پيئڻ فائديمند هوندو آهي. ڏاڙهون سائيءَ جي مرض، دستن، دل جي بيماريءَ، شگر جي مرض، نڪسير، سرطان، مثاني جي غدودن ۽ ڏندن صاف ڪرڻ جي حوالي سان فائديمند آهي.
قرآن پاڪ ۾ به ڏاڙهونءَ جو ذڪر ’زمان‘ جي نالي سان ٽي ڀيرا آيو آهي. ڏاڙهون جنت جو ميوو آهي. قرآن جي سورة الرحمان جي آيت نمبر 79 ۾ ارشاد آهي ته: ”هيءَ (جنت) اُها جاءِ آهي، جتي هر قسم جا ميوا جهڙوڪ: کجور ۽ ڏاڙهون موجود آهن“. هن سورة ۾ بار بار اهو سمجھايو ويو آهي ته الله تعاليٰ جي بيشمار نعمتن مان توهان ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ. حديث ۾ آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ”اهڙو ڪو به ڏاڙهون نه آهي، جنهن ۾ جنت جي ڏاڙهونءَ جو داڻو شامل نه هجي. هي داڻو قسمت وارن جي هٿ اچي ٿو يا انهن کي هٿ اچي ٿو، جن کي الله سائين ان جي قابل سمجھي ٿو.“ روايت آهي ته اهو داڻو ڪٿي نه ڪٿي ضرور ڪِري ٿو ۽ ڪري به اهڙيءَ جاءِ تي ٿو جتان کڻڻ تي دل نه ٿي چوي. هونئن ته هي قيمتي داڻو ضايع ٿي ويندو آهي. ان ڪري ڏاڙهون هميشه احتياط سان ڪٽڻ ۽ کائڻ گھرجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو