
ڏاڙهون
ڏاڙهون (Pomegranate): ڏاڙهونءَ جو نباتاتي نالو (Punica Granatum) آهي. ڏاڙهونءَ جي پوک گهڻو ڪري ايران ۽ افغانستان ۾ ٿيندي آهي. هن ميوي جي باري ۾ تاريخدانن جو چوڻ آهي تہ هندوستان ۾ ڏاڙهونءَ جو ٻوٽو آرين جي ذريعي منتقل ٿيو يا وري سياحن معرفت آفريقا پهتو ۽ پوءِ بحريه روم جي مختلف ملڪن ۾ ان جي پوک شروع ٿي. چين ۽ ڪشمير ۾ ڏاڙهون وڌندڙ ٻوٽن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڏاڙهون جي وڻ جي اوچائي وڌ ۾ وڌ 20 فوٽ ۽ ان جي ويڪر ۽ گولائي 3 کان 4 فوٽ ٿيندي آهي. هن رسيلي وڻ ۾ ميوو گهڻو ڪري ڏهن کان ٻارهن سالن کان پوءِ لڳندو آهي. هڪ صحتمند وڻ 40 سالن تائين ميوو ڏيندو آهي. هن ميوي جي پيداوار ٿڌي، سٺي آبهوا ۽ سڻڀي زمين ۾ وڌيڪ سٺي ٿيندي آهي. انساني جسم کي هڪ سؤ گرام ڏاڙهونءَ 65 سيڪڙو توانائي ڏيندو آهي ۽ سؤ گرام ڏاڙهونءَ ۾ ڪيميائي جزن جو تناسب ڪجهہ هن ريت آهي: پروٽين 1.6 سيڪڙو، فولاد 0.3 سيڪڙو، پوٽاشيم 2.4 سيڪڙو، سڻڀ 0.1 سيڪڙو، سوڊيم 1.1 سيڪڙو، ڪيلشيم 2.4 سيڪڙو، ميگنيشيم 3.1 سيڪڙو، ڪوپر 60 سيڪڙو، فاسفورس 7.5 سيڪڙو، نشاستو 175 سيڪڙو ۽ ڪلورائيڊز 52.5 سيڪڙو شامل آهي. هن ميوي جي طب ۾ وڏي اهميت آهي. حضرت علي عليہ السلام کان روايت آهي تہ رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو ته، ”ڏاڙهونءَ کي ان جي اندرئين کل سميت ئي کائو، جو اها معدي کي نئين حياتي بخشي ٿي.“ طب ۾ ڏاڙهونءَ جي کل کي دوا طور واپرايو وڃي ٿو. ڏاڙهونءَ جي کل جو سفوف کائڻ سان پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿي ويندا آهن. بخار جي حالت ۾ کل سميت ڏاڙهون جو رس کنڊ ۾ ملائي پيئڻ فائديمند هوندو آهي. ڏاڙهون سائيءَ جي مرض، دستن، دل جي بيماريءَ، شگر جي مرض، نڪسير، سرطان، مثاني جي غدودن ۽ ڏندن صاف ڪرڻ جي حوالي سان فائديمند آهي.
قرآن پاڪ ۾ بہ ڏاڙهونءَ جو ذڪر ’زمان‘ جي نالي سان ٽي ڀيرا آيو آهي. ڏاڙهون جنت جو ميوو آهي. قرآن جي سورة الرحمان جي آيت نمبر 79 ۾ ارشاد آهي تہ: ”هيءَ (جنت) اُها جاءِ آهي، جتي هر قسم جا ميوا جھڙوڪ: کجور ۽ ڏاڙهون موجود آهن“. هن سورة ۾ بار بار اهو سمجهايو ويو آهي تہ ﷲ تعاليٰ جي بيشمار نعمتن مان توهان ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ. حديث ۾ آهي تہ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم فرمايو تہ ”اهڙو ڪو بہ ڏاڙهون نہ آهي، جنهن ۾ جنت جي ڏاڙهونءَ جو داڻو شامل نہ هجي. هي داڻو قسمت وارن جي هٿ اچي ٿو يا انهن کي هٿ اچي ٿو، جن کي ﷲ سائين ان جي قابل سمجهي ٿو.“ روايت آهي تہ اهو داڻو ڪٿي نہ ڪٿي ضرور ڪِري ٿو ۽ ڪري بہ اهڙيءَ جاءِ تي ٿو جتان کڻڻ تي دل نہ ٿي چوي. هونئن تہ هي قيمتي داڻو ضايع ٿي ويندو آهي. ان ڪري ڏاڙهون هميشہ احتياط سان ڪٽڻ ۽ کائڻ گهرجي.