ڏاڙهيارو جبل

ڏاڙهيارو جبل

ڏاڙهيارو جبل

ڏاڙهيارو جبل: هيءُ جابلو سلسلو، قنبر جي اولھہ ۾، اٽڪل 80 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع کيرٿر جبل ۾ آهي، ڏاڙهيارو، سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ لڳ کيرٿر جبل جي چوٽين تي هڪ تفريح گاھہ جي حيثيت بہ رکي ٿو. هيءُ جبل سمنڊ جي سطح کان ڇھہ هزار فوٽن کان وڌيڪ بلنديءَ تي واقع آهي، جتي سرديءَ جي موسم ۾ تمام گهڻو سيءُ پوي ٿو ۽ گرميءَ ۾ زيرو پد کان بہ گهٽ يعني ڪاٽو زيرو ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندي آهي. جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ۾ عام گرمي پد 13 سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 25 سينٽي گريڊ ٿئي ٿو. 1845ع ۾ چارلس نيپيئر هتي آيو هو ۽ هتي ٽن فوٽن جو هڪ سيمينٽ جو هول ٺهرايو هئائين، جنهن کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد قرار ڏنو ويو هو. ساڳئي هنڌ 1885ع ۾ مرزا قليچ بيگ بہ آيو هو، جنهن ڪتي جي قبر کان چند فوٽن جي مفاصلي تي بانس جو لڪڙو هنيو هو. هن علائقي کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي شھدادڪوٽ گوادر موٽر وي بہ گذري ٿو. هيءُ علائقو، لاڙڪاڻي وايا غيبي ديري رستي سان لاڙڪاڻي کان 100 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هتي قدرتي چشمن تي ڀاڄيون بہ ٿين ٿيون. 1988ع ۾ شھيد بينظير ڀٽو پنھنجي حڪومتي دؤر ۾ هن تفريح گاھہ کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ جا منصوبا رٿيا هئا، پر پوءِ اها اسڪيم گورک هل اسٽيشن ڏانهن منتقل ٿي وئي، جيڪا هن جبل کان هڪ هزار فوٽ گهٽ بلنديءَ تي واقع آهي. هن جبل کي ’دارهاھہ‘ بہ سڏين، هن جي اولهائين ڀڪ تي هڪ وڏو پهاڙي پٿر پيل آهي، جنهن تي ڪيترين ئي نامور شخصيتن جا نالا لکيل آهن، جن مان ڪافي ڊهي ويا آهن. انهن مان ڪي هي آهن:
(1) W.H. Bolton 1862, (2) George Hederson 1961, (3) W. H. Lucas 1910, (4) Lucas A. C. Waston E. H, (5) Waloch-Daries H. W. R.
مرزا قليچ بيگ جو نالو بہ هن پٿر تي لکيل آهي، جنهن 1885ع ۾ هن جبل جو سير ڪيو هو. سنڌ جي پنجين ڪمشنر مسٽر ايس. مينسفيلڊ جي 1861ع ۾ هتي آمد بابت خداداد خان ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”مينسفيلڊ پورا پنج مهينا ڏاڙهياري جبل تي رهيو هو.“ هن لکيو آهي تہ ڏاڙهيارو جبل تمام وڏو جبل آهي، ڄڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. نهايت خشڪ ۽ سرد آهي. هتي اڪثر برسات پوندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن برف بہ ڄمندي آهي. جبل جي اوسي پاسي ڪيترائي قبيلا رهن ٿا، جن ۾ ڇٽا برادريءَ جا سنڌي بہ شامل آهن. هن جبل تي جهنگلي ميون ۾ توت، انجير ۽ لوهري گهڻي مقدار ۾ ٿين ٿا. سندن ذائقو خراسان ۽ بلتستان جي ميون جهڙو آهي. ڪهوءَ جا وڻ بہ هتي جام ٿين ٿا، جن کي هتان جا ماڻهو ’ٻارڻ‘ طور استعمال ڪندا آهن. پري کان هن جبل کي ڏسبو تہ هن جبل جو هڪ حصو ڏاڙهيءَ جيان لڳندو، ان لاءِ ڪن محققن جي راءِ آهي تہ ان سبب ڪري ئي هن جبل تي ’ڏاڙهيارو‘ نالو پيو آهي. ڪي چون ٿا تہ هن تي اهو نالو ڏاڙهياري ڇُٽي جي نالي تان پيو.
ڏاڙهياري جبل وٽ کيرٿر جبل جي ڪرنگهي تائين پهچڻ لاءِ اُٺ جي سواري گهربل هوندي آهي. ڏاڙهياري جا ماڻهو اُٺن ۽ گڏهن سان نئين شوهار جي واٽ وٺي، شاھہ گودڙيي يا وري نئين سيتا جي واٽ ڏئي، وارھہ يا غيبي ديري ايندا آهن. ڏاڙهياري کان ڪُتي جي قبر تائين 900 کن فوٽ اوچي چوٽي پيرين پنڌ چڙهڻي پوندي آهي. ڏاڙهياري جي چوٽيءَ تي ڪي قدرتي ميدان آهن، جن تي پوک بہ ٿئي ٿي. انهن مان هڪ ميدان ڪافي وڏو آهي، جنهن تي جهازن جو اَڏو ٺاهي سگهجي ٿو. ڏاڙهياري جي اوڀر ۽ ڏکڻ کان سيتا، مزاراڻي ۽ شوهار نئيون نڪرن ٿيون.


لفظ ڏاڙهيارو جبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو