
ڏاڪي ڇوهه جهمر
ڏاڪي ڇوھہ جهمر: هن جهمر ۾ هرهڪ جهومريءَ وٽ ٻہ ڏانڊيا هوندا آهن. سڀ جهمر هڻندڙ گول دائري ۾ بيهي ويندا آهن. جهمر شروع ٿيڻ وقت پهريائين پنھنجي ڏونڪي کي پاڻ ۾ ٽڪرائي پوءِ کاٻي هٿ واري ڏاڪي کي پنھنجي کاٻي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي ساڄي هٿ واري ڏاڪي سان ٽڪرائيندا آهن. پوءِ ساڄي هٿ واري ڏاڪي کي ساڄي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي کاٻي هٿ واري ڏاڪي سان ٽڪرائين، بعد ۾ کاٻي هٿ واري ڏاڪي کي ساڄي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي ساڄي هٿ سان ۽ ساڄي هٿ واري ڏاڪي کي کاٻي پاسي واري جهمر هڻندڙ جي کاٻي هٿ واري ڏاڪي سان ٽڪرائيندا. اهڙيءَ طرح جيئن ٻئي ٻانھون هڪٻئي تي ڪينچيءَ مثال ٿين، بعد ۾ پنهنجا ڏاڪا سيني جي سامهون ٿورو جهڪي ٽڪرائيندا آهن.