ڏاگهہ: ڪاٺين جي هڪ وڏي باھہ ٻاري، ان ۾ پاڻ ساڙڻ جو عمل. اهڙو عمل، جنهن ۾ باھہ جو وڏو مچ ٻاري، ڪنهن انسان کي ساڙڻ. اڳئين زماني ۾ ڪجهہ مجرم سزا ڏيڻ لاءِ ڪاٺين جو ڏاگهہ ٺاهيندا هئا، جنهن تي مجرم کي ڏاگهہ چاڙهيو ويندو هو. مومل بہ ڏاگهہ چڙهي هئي. شاھہ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڏاگهہ جو ذڪر ڪيو آهي:
آءُ اوراهين سپرين، ڏکي مَ ڏاگهہ،
مونکي ڏئي واگهہ، اَري وئين عشق جي.