
ڏاڻي
ڏاڻي: ڏاڻيءَ کي ڏانوڻي بہ چيو ويندو آهي. ڏاڻي، سون، چاندي يا پتل مان ننڍڙي زنجير جي نموني ٺهيل هوندي آهي، يا تہ وري موتين مان ٺهيل ننڍي مالـهـا جـي صــورت ۾ بہ ٿئي ٿي. ڪن ۽ نڪ ۾ پاتل اُهي نٿون، پنڙا ۽ جهُـمـڪـا، جيڪي وزن ۾ عام زيورن کان ڳــرا هجن، تـن کي مٿي جهلي
بيهارڻ ۾ مدد ڏي ٿي. ٿر جون عورتون عام طور روزمرھہ جي زندگيءَ ۾ بہ نٿون پائينديون آهن، جنهن کي مٿي جهلي بيهارڻ لاءِ کين ڏاڻي استعمال ڪرڻي پوندي آهي. ڏاڻيءَ کي وچ ۾ ٽِڪلو لڳائبو آهي، جيڪو نراڙ تي بيهندو آهي. ٽِڪلي جي لڳ ڀڳ، پاسن کان ڪڙا هڻبا آهن، جيئن انهن ۾ ڏاڻيون پون. ڏاڻي نٿ جي ڳن ۾ وجهي قابو ڪبي آهي، جيئن نٿ جو وزن جهلي سگهي ۽ نڪ کي ڇيهو نہ رسي. ڪن ۾ پاتل پنڙن يا جهُمڪن لاءِ استعمال ٿيندڙ ڏاڻين کي ’سهارا‘ بہ چيو ويندو آهي.