ڏتل ابڙو مسجد

ڏتل ابڙو مسجد: هيءُ قديم مسجد ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ جي قنبر شھر کان 11 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ڏتل ابڙي ۾ واقع آهي. هن مسجد جو بنياد 1870ع ۾ ڏتل خان ابڙي وڌو. هن مسجد جي اوچائي 17 فوٽ ۽ ويڪر 25 فوٽ آهي. پنجن فوٽن جو ڊگهو ۽ ستن فوٽن جو ويڪرو هڪ خوبصورت گنبذ اٿس. فرش اوائلي پڪين سرن سان جڙيل اٿس. هيءُ مسجد انگريز دؤر جي عمارت سازيءَ جي فن جو هڪ نادر نمونو آهي. هينئر هيءَ مسجد زبون حال ٿي وئي آهي. پر پوءِ بہ حسن برقرار اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو