ڏتل شاھہ جي چاڙهي: ڏتل شاھہ، ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي شروعاتي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ اهل ﷲ ٿي گذريو آهي. سنڌ جو پهريون سنڌي مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھہ جڏهن ٽالپرن حڪمرانن وٽ ايندو هو تہ ڏتل شاھہ وٽ ضرور ويندو هو. ڏتل شاھہ جو مقبرو حيدرآباد جي پڪي قلعي جي اڀرندي طرف چاڙهيءَ تي آهي. اها چاڙهي گرونگر کان پڪي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ آهي. اها چاڙهي ٽالپر دور حڪومت کان وٺي ’ڏتل شاھہ جي چاڙهي‘ جي نالي سان مشھور آهي.