ڏسي ڏوهه اکين سين

ڏسي ڏوهه اکين سين

ڏسي ڏوھہ اکين سين

ڏسي ڏوھہ اکين سين (ڪتاب): ’ڏسي ڏوھہ اکين سين‘ ڪتاب جمال ابڙي جي آتم ڪٿائي سلسلي جو پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو: ’اونهي ڳالھہ اسرار جي‘، ٽيون ڀاڱو: ’ٿوهر ۾ ڳاڙها گل‘، چوٿون ڀاڱو: ’ايندو نہ وري هي وڻجارو‘ ۽ پنجون: ’مَرُ پيا مينهن وسن‘ نالي سان ڇپيو هو. پهرئين ڀاڱي ’ڏسي ڏوھہ اکين سين‘ ۾ 238 صفحا آهن. جنهن جو پهريون ڇاپو فيبروري 1998ع ۾ ڇپيو آهي. ڪتاب جي ڪچي جلد جي قيمت 100 روپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 130 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو