
ڏلهه
ڏلھہ (ماڳ): تعلقي سيوهڻ ۾ لڪي ۽ بڊي جبل جي وچ ۾ ڪرچات کان اتر طرف جهانگارا ويندڙ رستي تي ڏلھہ نالي هڪ ڳوٺ 26° 05′ 56″ اتر-ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ 67° 45′ 56″ اوڀر- اولھہ ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي، جتي ٻہ قديم آثار آهن. هڪ رهائشي ماڳ ۽ ٻي قديم چٽساليءَ واري سائيٽ ”ڪورن ڀر“. ڳوٺ کان اٽڪل هڪ فرلانگ جي فاصلي تي ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ هڪ برساتي ڍوريءَ جو ٻيٽ آهي. هن ڍوريءَ جي ٽڪرين مان هڪ ٽڪريءَ جو اتر وارو پاسو ڀت جهڙو لسو آهي، جنهن جي سطح جي اٽڪل ڊيگهہ 50 فٽ ۽ اوچائي ڇھہ فٽ ۽ ويڪر ٽي فٽ آهي، اتي ڪي جاميٽريائي چٽ ڪوريل آهن، هنن ڪوريل چٽن جون ماپون اٺن کان چوڏهن انچن جون آهن، مٿينءَ ڀت جي وچ ڌاري ڪي نشان انڊس لپيءَ سان ملندڙ ۽ ڪي نشان ماڻهن، ماڻهن جي منڍين، هٿ جي تري، تير ڪمان، سنک، ٻيڙي، سنڌي سرھہ ۽ هرڻ جھڙا ملن ٿا. ڪجهہ جاميٽريائي چٽ، جن ۾ چورسا، مستطيل خانا، چيلي يا نوٽڻ راند جھڙا خانا ۽ گهر وغيرہ بہ چٽيل آهن. هي چٽ مشھور قديم آثارن جي ماهر اين. جي مجمدار بہ ڏٺا هئا، سندس راءِ موجب هي ڪي گهڻا پراڻا ڪو نہ آهن. اتي ئي آسپاس ۾ نئن جي ترائيءَ ۾ تاريخ کان اڳ جا آثار موجود آهن، جيڪي ڏيڍ ميل جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن، جن ۾ ٺڪراٺي کان سواءِ جاين جون پيڙهون، پٿر جا پتا وغيرہ ملن ٿا. ان کان ٿورو اڳتي ڏلھہ ٽڪر جي پاڙ وٽ نئن ڏي ويندڙ گهاٽ (George) مان هڪ کاري نڪري ٿي، اتي هڪ ٽڪريءَ تي ڌاتو- پاهڻي دور جا آثار مليا آهن، ڪچري هٽائڻ کان پوءِ هڪ ڪوٽ جا آثار جيڪي سٺ فٽ ڊيگهہ ۾ آهن، ڏسي سگهجن ٿا. ڏلھہ واري سڄي ايراضي ’سنڌو تھذيب واري دؤر‘ جي آثارن سان ڀريل آهي، ڪن هنڌن تي آمري ٺڪر کان سواءِ: ٺڪر جي چوڙين جا ٽڪرا، بيضوي ٺڪر جون چوڙيون، چن جي پٿر مان ٺهيل درن جا اکوٽا، پٿر جا ڏگهر ۽ هڪ ٽامي جي منڊي ملي آهي.