ڏم

ڏم: ڏم سنڌ جي مشهور رومانوي داستانسهڻي ميهار‘ جو هڪ ڪردار آهي. هيءُ سهڻيءَ جو مڙس هو، جنهن جي ذات سامٽيو هئي. هيءُ سهڻيءَ جي ڳوٺ کان درياهه جي اڀر ندي طرف هڪ بستيءَ ۾ هاڻوڪي شهر شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ رهندو هو. گجرات واري ”سهڻي ميهار“ جي مشهور قصي ۾ به هن جو ساڳيءَ ريت تذڪرو آهي، جنهن موجب سهڻيءَ جي عزت بيگ سان لنئون لڳل هئي، جيڪو پوءِ ميهار سڏجڻ ۾ آيو. سهڻيءَ سان روزاني رات جو ميهار چناب ندي پار ڪري اچي ملاقاتي ٿيندو هو، ميهار جي زخمي ٿيڻ تي سهڻي معمول موجب هر رات چناب ندي پار ڪري ميهار سان اچي هم ڪلام ٿيندي هئي. ان سموري ماجرا جي سڌ جيئن ئي سهڻيءَ جي والد ’تلا‘ کي پئي ته ان سهڻيءَ جي شادي ڏم سان رٿي. شادي ٿيڻ بعد سهڻيءَ ڌڻي در دعائون گهريون ته سندس ڀرم رکي. ڌڻيءَ سندس عرض اگهايو ۽ روايتن موجب ڏم کي روزانو رات جو اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي، جو سهڻيءَ جي سڌ ئي نه پوندي هيس. ڪن لوڪ قصن جي راوين ڏم کي سهڻيءَ جو سوٽ به ڄاڻايو آهي. سنڌ واري قصي موجب ڏم ننڍي هوندي کان سهڻيءَ جو مڱيندو هو ۽ اڳتي هلي سندس شادي سهڻيءَ سان ٿي. نڪاح بعد نکيٽي ٿيڻ تي ڄڃ جي درياهه پار ڪرڻ وقت ساهڙ نالي ميهار کان سهڻيءَ کي کير چڪي وٺي پياريائون ته کير جي اُن چڪيءَ جو مٿس ايترو اثر ٿيو، جو سهڻي ميهار تي موهت ٿي پئي ۽ پنهنجي نڪاح وندي مڙس ڏم کان ڪناره ڪشي ڪندي ميهار سان محبت ۽ لنئون لاتائين. ڏم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي صورت جو موچارو نه هو. سهڻي ۽ ميهار جي ملاقاتن جي خبر جيئن سندس ڀيڻ کيس ٻڌائي ته ’ڏم‘ سهڻيءَ کي ڪيترائي طعنا ۽ مهڻا ڏنا، پر تڏهن به هوءَ نه مُڙي، جو نيٺ ڏم ۽ ان جي ڀيڻ (سهڻيءَ جي نڻان) ساٺ سٽيندي ٻوڙن ۾ پڪي دلي جي جاءِ تي ڀورو اڌ پڪل دلو رکي ڇڏيو، جنهن تي سهڻي سوار ٿي درياهه پار ڪري ميهار سان وڃي هم ڪلام ٿيندي هئي. نيٺ جيئن ئي سهڻي اهو دلو کنيو ۽ درياهه ۾ لٿي ته دلو ڀُري ويو ۽ وچ سير ۾ ميهار سان گڏ حقيقي وصال کي وڃي رسي.
ڏم جو ذڪر شاهه سائين به سر سهڻيءَ ۾ آندو آهي. ان متعلق هيٺيان بيت اهم آهن:
تڙ تڪڙ تار گھڙڻ، ايءُ ڪاڻيارن ڪم،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم،
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
(شاهواڻي، غلام محمد شاهه جو رسالو، داستان: 3 بيت 1)
-
ساهڙ ڌاران سهڻي، آهي منجهه آر،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگھار،
توڏيءَ سندي تن جي، دوا ۾ ديدار،
جي پسي منهن ميهار- ته سگھيا ئي سگھي ٿئي.
(شاهواڻي، غلام محمد شاهه جو رسالو (داستان: پهريون، بيت 3)
-
گهڙو ڀڳو ته گھورئو، مر چور ٿئي چوڙو،
طالب الموليٰ مذڪر۪، ايءُ ٻڏندِين ٻوڙو،
ڪوڙهيو ڏم ڪوڙو، مون ميهار من ۾!
(شاهواڻي، غلام محمد، شاهه جو رسالو داستان: 2، بيت 3)


لفظ ڏمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو