ڏم

ڏم: ڏم سنڌ جي مشھور رومانوي داستانسھڻي ميهار‘ جو هڪ ڪردار آهي. هيءُ سهڻيءَ جو مڙس هو، جنهن جي ذات سامٽيو هئي. هيءُ سهڻيءَ جي ڳوٺ کان درياھہ جي اڀر ندي طرف هڪ بستيءَ ۾ هاڻوڪي شھر شھدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ رهندو هو. گجرات واري ”سھڻي ميهار“ جي مشھور قصي ۾ بہ هن جو ساڳيءَ ريت تذڪرو آهي، جنهن موجب سهڻيءَ جي عزت بيگ سان لنئون لڳل هئي، جيڪو پوءِ ميهار سڏجڻ ۾ آيو. سهڻيءَ سان روزاني رات جو ميهار چناب ندي پار ڪري اچي ملاقاتي ٿيندو هو، ميهار جي زخمي ٿيڻ تي سھڻي معمول موجب هر رات چناب ندي پار ڪري ميهار سان اچي هم ڪلام ٿيندي هئي. ان سموري ماجرا جي سڌ جيئن ئي سهڻيءَ جي والد ’تلا‘ کي پئي تہ ان سهڻيءَ جي شادي ڏم سان رٿي. شادي ٿيڻ بعد سهڻيءَ ڌڻي در دعائون گهريون تہ سندس ڀرم رکي. ڌڻيءَ سندس عرض اگهايو ۽ روايتن موجب ڏم کي روزانو رات جو اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي، جو سهڻيءَ جي سڌ ئي نہ پوندي هيس. ڪن لوڪ قصن جي راوين ڏم کي سهڻيءَ جو سوٽ بہ ڄاڻايو آهي. سنڌ واري قصي موجب ڏم ننڍي هوندي کان سهڻيءَ جو مڱيندو هو ۽ اڳتي هلي سندس شادي سهڻيءَ سان ٿي. نڪاح بعد نکيٽي ٿيڻ تي ڄڃ جي درياھہ پار ڪرڻ وقت ساهڙ نالي ميهار کان سهڻيءَ کي کير چڪي وٺي پياريائون تہ کير جي اُن چڪيءَ جو مٿس ايترو اثر ٿيو، جو سھڻي ميهار تي موهت ٿي پئي ۽ پنھنجي نڪاح وندي مڙس ڏم کان ڪنارہ ڪشي ڪندي ميهار سان محبت ۽ لنئون لاتائين. ڏم لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هي صورت جو موچارو نہ هو. سھڻي ۽ ميهار جي ملاقاتن جي خبر جيئن سندس ڀيڻ کيس ٻڌائي تہ ’ڏم‘ سهڻيءَ کي ڪيترائي طعنا ۽ مهڻا ڏنا، پر تڏهن بہ هوءَ نہ مُڙي، جو نيٺ ڏم ۽ ان جي ڀيڻ (سهڻيءَ جي نڻان) ساٺ سٽيندي ٻوڙن ۾ پڪي دلي جي جاءِ تي ڀورو اڌ پڪل دلو رکي ڇڏيو، جنهن تي سھڻي سوار ٿي درياھہ پار ڪري ميهار سان وڃي هم ڪلام ٿيندي هئي. نيٺ جيئن ئي سھڻي اهو دلو کنيو ۽ درياھہ ۾ لٿي تہ دلو ڀُري ويو ۽ وچ سير ۾ ميهار سان گڏ حقيقي وصال کي وڃي رسي.
ڏم جو ذڪر شاھہ سائين بہ سر سهڻيءَ ۾ آندو آهي. ان متعلق هيٺيان بيت اهم آهن:
تڙ تڪڙ تار گهڙڻ، ايءُ ڪاڻيارن ڪم،
ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم،
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينھن نهوڙيا.
(شاهواڻي، غلام محمد شاھہ جو رسالو، داستان: 3 بيت 1)
-
ساهڙ ڌاران سهڻي، آهي منجهہ آر،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار،
توڏيءَ سندي تن جي، دوا ۾ ديدار،
جي پسي منهن ميهار- تہ سگهيا ئي سگهي ٿئي.
(شاهواڻي، غلام محمد شاھہ جو رسالو (داستان: پهريون، بيت 3)
-
گهڙو ڀڳو تہ گهورئو، مر چور ٿئي چوڙو،
طالب الموليٰ مذڪر۪، ايءُ ٻڏندِين ٻوڙو،
ڪوڙهيو ڏم ڪوڙو، مون ميهار من ۾!
(شاهواڻي، غلام محمد، شاھہ جو رسالو داستان: 2، بيت 3)


لفظ ڏمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو