ڏند ڪٿا (Myth): ڏندڪٿا کي ديومالا به چيو ويندو آهي. لکيل تاريخ جا اڪثر ماخذ ديومالائي قصا يا ڏندڪٿائون هونديون آهن. هندستان ۾ مهاڀارت ۽ رامائڻ، يونان ۾ ديوتائن جا قصا ۽ داستان اهڙين ديومالائن ۾ شمار ٿين ٿا. عام ٻوليءَ ۾ اڪثر ڪنهن تصوراتي ڪهاڻي، خيالي قصي يا هٿ ٺوڪي ڳالهه کي ڏند ڪٿا چئجي ٿو. ڏندڪٿا قديم دؤر جي تصورن تي مشتمل هوندي آهي. انسانذات هر دؤر ۾ ڏند ڪٿائون جوڙيندي رهي آهي. انگريزي ادب جي هڪ ليکڪا ڪئٽرن آرمسٽرانگ جي 2005ع ۾ ڇپيل ڪتاب ‘A Short History of Myth’ (ڏند ڪٿا جي مختصر تاريخ) ۾ ڏند ڪٿا جي تاريخ کي ڇهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن مان پهرئين حصي کي ’اوائلي پٿر جي دؤر جي شڪارين جون ڪٿائون‘ ڪوٺيو ويو آهي. هي اهي ڏند ڪٿائون آهن، جيڪي ٻن لکن کان اٺ هزار ق. م تائين جون آهن. ڪتاب جي ٻئي حصي کي ’نئين پٿر واري دؤر جي پوکي راهي ڪندڙن جون ڏند ڪٿائون‘ سڏيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ اهي ڏند ڪٿائون ڏنيون ويون آهن، جيڪي چار هزار ق. م کان 8 هزار ق. م تائين جون پراڻيون آهن. ٽئين حصي کي ’اوائلي سڀيتائون‘ ڪوٺيو ويو آهي، جنهن ۾ 800 ق. م کان 4 هزار ق. م تائين جون ڏند ڪٿائون شامل آهن. چوٿين حصي کي ’محوري دؤر‘ چيو ويو آهي. هن حصي ۾ 200 ق. م کان 800 ق. م تائين جون پراڻيون ڏند ڪٿائون اچي وڃن ٿيون.
ڪئٽرن آرمسٽرانگ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏند ڪٿا جي پنجين حصي کي به ’محوري دؤر‘ ۽ آخري حصي کي ’عظيم الهندي ڦيري‘ جو نالو ڏنو آهي. ليکڪا جي جامع تحقيق موجب ڇهن بابن ۾ ٿلهي ليکي 22 هزار ورهين جي ڏند ڪٿائن جو جائزو ورتل آهي. جيتوڻيڪ ڏند ڪٿا جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه آهي، پر ان هوندي به ڪجهه ڏند ڪٿائون، اثرائتيون ۽ ڪارگر هونديون آهن. مطلب ته ڏند ڪٿائن جو انجام اڪثر اهڙو اثرائتو ٿيندو آهي، جو جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ته ساڳي ڏند ڪٿا انسان جي رهبر به ثابت ٿي سگهي ٿي. مثال طور: آڳاٽي زماني جي هڪ ڏند ڪٿا موجب نيئنڊر ٿال (Neanderthal) جون قبرون لڌيون ويون آهن، جن ۾ هٿيار، اوزار ۽ جانورن جا هڏا پوريل هئا. انهن سڀني شين ڪنهن ايندڙ دنيا ۾ ويساهه جو يقين ٿي ڏياريو. نيئنڊر ٿال هڪ ٻئي کي پنهنجي مئل ساٿيءَ جي مرڻ کان پوءِ سندس جيوت بابت آکاڻيون به ضرور ٻڌايون هونديون. اهي پنهنجي موت بابت ٻين ساهوارن کان الڳ نموني سان ويچاري رهيا هوندا. نيئنڊر ٿال پنهنجي ساٿين کي مرندي ته ڏسندا هئا، پر سندن رد عمل عام انسان وانگر حساس نه هوندو هو. جڏهن هنن کي پنهنجي مئل ساٿيءَ جي مري وڃڻ جي تصديق ٿيندي هوندي، تڏهن هنن هڪ قسم جي جوابي ڪٿا جوڙي پاڻ کي موت جي حقيقت سان جوڙيو هوندو. نئينڊر ٿال قديم زماني ۾ يورپ مان هٿ آيل ’پنڊ پهڻ ٿيل انسان‘ کي سڏيو وڃي ٿو.
اسان وٽ ڪيتريون ئي عام ڏند ڪٿائون مشهور آهن، جن مان هڪ ڏند ڪٿا اها به مشهور آهي ته ڌرتي هڪ ڏٻي ڍڳي جي سڱ تي بيٺل آهي، جڏهن اهو ڍڳو پنهنجو سڱ تبديل ڪري ٿو ته ڌرتيءَ تي زلزلو اچي ٿو يا وري هڪ ٻي ڏند ڪٿا موجب چيو ويندو آهي ته جڏهن چنڊ جي چوڌاري هڪ گول دائرو (جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ ’پِڙ‘ يا ’هالو‘ چئجي ٿو) اچي وڃي ته اهو اُن ملڪ جي حاڪم لاءِ خطري جي نشاني آهي. ڏند ڪٿائن کي هندو ڌرم ۾ هڪ خاص اهميت حاصل آهي. هندو ڌرم جي مذهبي ڏڻ توڙي تهوار يا عيد برات جي پس منظر ۾ ڪا نه ڪا ڏند ڪٿا ضرور هوندي آهي. سائنس جي هن دؤر ۾ به ڏندڪٿا جي هڪ نمايان حيثيت مڃي وئي آهي.