ڏنگر فقير

ڏنگر فقير (ننگر): ڏنگر يا ننگر فقير ذات جو مگسي هو. سندس وڏا پنھنجي مرشد سنديلي فقير سان هجرت ڪري بکر ۾ رهڻ لڳا، جيڪو ميان آدم شاھہ جو مريد ۽ خليفو هو. جتان پوءِ هجرت ڪري ڳاڙهي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، جتي ڏنگر فقير ميان نصير محمد جي خدمتگارن ۾ شامل ٿي ويو. جڏهن ميان نصير محمد فيروز ويراڙ کي ساهتيءَ جو پرڳڻو فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو تہ انهي مھم ۾ ڏنگر فقير بہ فيروز ويراڙ جي فوج ۾ شامل ٿي ويو.
فيروز فقير ويراڙ جڏهن نوشهروفيروز شھر تعمير ڪرايو، تڏهن ڏنگر فقير مستقل طور اتي رهائش اختيار ڪئي. ميان صاحب ڏنگر فقير جي خدمتن عيوض سندس پٽ حاڪم علي کي سڌوجن واري قلعي جي فوجي ذميواري سونپي. ميان نور محمد جي وقت ۾ حاڪم علي جي پٽ خير محمد فقير (خيرو فقير) نادر شاهي فوج سان مقابلو ڪيو. جڏهن ميان غلام شاھہ کي نادر شاھہ ايران وٺي ويو، تڏهن خيرو فقير غلام شاھہ سان گڏ ويو. خيرو فقير غلام شاھہ جي جلاوطني ختم ٿيڻ بعد ان سان گڏ ايران کان موٽي سنڌ آيو پر جلد بيمار ٿي پيو ۽ نوشهري فيروز ۾ وفات ڪئي. کيس سندس وصيعت موجب پنھنجي مرشد مراد فقير جي ڀرسان ميان نور محمد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ڏنگر فقير جو اولاد دادو شھر لڳ ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ رهي ٿو. هن گهراڻي مان ماضي قريب ۾ مولانا عبدالرحيم مگسي، محمد سهراب خان مگسي، قادر بخش خان مگسي ۽ خان مگسي'>ابوبڪر خان مگسي پنھنجي دور جي مشھور شخصيتن ۾ لکيا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو