ڏنگر فقير ننگر فقير

ڏنگر فقير/ ننگر فقير: ننگر يا ڏنگر فقير، ذات جو مگسي هو. سندس وڏا پنھنجي مرشد سنديلي فقير سان هجرت ڪري بکر ۾ رهڻ لڳا هئا. جيڪو ميان آدم شاھہ جو مريد ۽ خليفو هو. جتان پوءِ هجرتون ڪندا ڳاڙهي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. جتي ننگر فقير ميان نصير محمد جي خدمتگارن ۾ شامل ٿي ويو. جڏهن ميان نصير محمد فيروز ويراڙ کي ساهتي جو پرڳڻو فتح ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو تہ ننگر فقير پنھنجي مرشد سنديلي فقير جي حڪم تي انهي مھم ۾ شريڪ ٿيو ۽ مستقل هن شھر ۾ رهائش اختيار ڪئي. ميان صاحب سندس خدمتن جي ڪري سندس پٽ حاڪم عليءَ کي سڌوجن واري قلعي جي فوجي ذميواري سونپي. ميان نور محمد جي وقت ۾ حاڪم علي جي پٽ خير محمد فقير نادرشاهي فوج سان مقابلو ڪيو. جڏهن غلام شاھہ کي نادر شاھہ ايران وٺي ويو تہ خيرو فقير بہ انهن ماڻهن سان گڏ شامل هو، جيڪي شھزادي غلام شاھہ سان گڏجي ايران ويا. جڏهن ميان غلام شاھہ ايران جي جلاوطني ختم ڪري واپس سنڌ پهتو تہ ساڻس گڏ خيرو فقير بہ واپس سنڌ پهتو ۽ جلد ئي بيمار ٿي پيو. هن نوشهري فيروز ۾ وفات ڪئي. سندس وصيعت موجب سندس لاش کي سندس مرشد مراد سنديلي جي مزار جي پيرانديءَ ۾ دفنايو ويو. هن وقت سندس اولاد دادو شھر جي لڳ ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ رهي ٿو. هن گهراڻي مان ماضي قريب ۾ مولانا عبدالرحيم مگسي، محمد سهراب خان مگسي، قادر بخش خان مگسي ۽ خان مگسي'>ابوبڪر خان مگسي پنھنجي وقت جا مشھور شخص ٿي گذريا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو