ڏهرسينه

ڏهرسينه: راءِ ساهسيءَ جي مرڻ کانپوءِ سيلائج جي پٽ چچ، راڻي سونهن ديويءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان چچ کي ٻہ پٽ هر هڪ ڏهرسينه ۽ ڏاهر ۽ هڪ ڌيءَ مايين جو اولاد هو. ’فتحنامه سنڌ عرف چچ نامہ‘ ۾ ڏهرسينه بابت ڄاڻايل آهي تہ چچ کي ٻہ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. وڏو پٽ ڏهرسينه ۽ ننڍو پٽ ڏاهر هو. چچ جي مرڻ کانپوءِ تخت تي چچ جو ڀاءُ چندر ويٺو، جيڪو ست سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ مري ويو. چندر جي مرڻ کانپوءِ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اروڙ جي تخت تي راجا ڏاهر ويٺو ۽ برهمڻ آباد جي تخت تي چندر جو پٽ ديوراج ويٺو، پر ديوراج حڪومتي ڪاروبار هلائي نہ سگهيو، جنهنڪري حڪومت ڏهرسينه کي ڏني وئي. ڏهرسينه حاڪم ٿيندي ئي ملڪي ڪاروبار سھڻي نموني هلايو. سندس ڀيڻ مايين بہ هن سان حڪومتي ڪم ڪار ۾ گڏ رهي.


لفظ ڏهرسينهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو