ڏهرڪي

ڏهرڪي (شھر): هن شھر جو باني ڏهر ڄام ابو الخير (اول) چيو وڃي ٿو، جنهن جي نسبت سان هي شھر پهرين خيرپور سڏيو ويو. جڏهن انگريز سرڪار هتان ريل جو رستو گذاريو تہ هن شھر کي اهم ريلوي اسٽيشن جو درجو ڏنو ويو ۽ شھر جو نالو ’خيرپور ڏهرڪي‘ رکيو ويو، اهو نالو ريلوي ٽڪيٽ تي بہ درج هوندو هو، پر ڪثرت استعمال سان اڳتي هلي ’ڏهرڪي‘ مشھور ٿي ويو.
هي علائقو اورنگزيب جي زماني ۾ ڏهرن کي جاگير ۾ مليو هو. ميرن جي دور ۾ بہ هيءَ جاگير قائم رهي. انگريز حڪومت بہ ڏهرن کي خراج (ڍل) جو ڏهون حصو ڏيندي رهي. 1958ع ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان (صدر) جڏهن جاگيرون ختم ڪيون تہ هيءَ جاگير بہ ختم ٿي وئي. آمدرفت جي سهوليتن جي ڪري شھر ترقي ڪندو ويو. 1968ع ۾ هتي اينگرو يوريا جو ڪارخانو قائم ٿيو تہ ملڪ جي زراعت ترقي ڪئي، ائين خوشحاليءَ وڌڻ سان شھر بہ خوشحال ٿيندو ويو. هن شھر کي ’ٽائون‘ جو درجو 1 مارچ 1960ع تي مليو. 17 اپريل 1993ع ۾ جڏهن گهوٽڪيءَ کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو تہ ڏهرڪيءَ کي ضلعي گهوٽڪيءَ جو تعلقو بنايو ويو. تعلقي جي ڪري هتي سرڪاري آفيسون قائم ٿيون. تعليمي ضرورتن جي پورائي لاءِ سرڪاري توڙي خانگي اسڪول قائم ٿيا. اهڙيءَ ريت گرلز ۽ بوائز هاءِ اسڪول قائم ٿيا. 1995ع ۾ گرلز ڪاليج بہ قائم ڪيو ويو. هتي پاڪستان کان اڳ جو پرائمري اسڪول ۽ پوسٽ آفيس موجود آهي. گئس فيلڊ ۽ ڏهرڪي فرٽيلائيزر جي قيام کان پوءِ ڏهرڪيءَ اڃا بہ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. ڏهرڪي شھر ۾ سرڪاري اسپتال، مدرسھ حنفيہ رضويه صديقيه فيض العلوم ۽ مدرسہ بحرالهديٰ (لغاري محلو) بہ قائم آهن.
(حوالو: سکر: تاريخ تمدن (اردو)، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ).


لفظ ڏهرڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو