ڏهر (ذات): ڏهر، چچ برهمڻ جي پٽ ڏاهر جي اولاد مان آهن، سنڌ فتح ٿيڻ کانپوءِ هنن اسلام قبوليو هو، جنهنڪري ڏهر سڏجڻ لڳا. ان وقت کين روهڙيءَ وارو علائقو ڏنو ويو، جتي هنن اوٻاوڙي پرڳڻي جو بنياد وجهي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ’ڏهر‘ ذات پٺيان ’ڏهرڪي‘ شھر جو بنياد وڌو. ’جنت السنڌ‘ ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:”سنڌ جي هندو قومن (ذاتين) مان ڏهر، مھر ۽ ڌاريجا ذات وارا بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي خليفي موسيٰ نواب جي هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيا.“ تاريخ تحفة الڪرام ۾ ڏهر کي ابڙي جو پٽ ۽ راءِ ڌڻ جو ڏهٽو ڪري لکيو ويو آهي. ڏهر ذات جي هنن شاخن جو تعلق سما قبيلي سان بہ ڏيکاريو ويندو آهي.
راجا ڏاهر پنھنجي دؤر حڪومت ۾ روهڙي ڊويزن ۾ بہ حڪومت ڪئي هئي، جنهن کي ڏهرڪي بہ سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ اوٻاوڙو ۽ ديھہ رونٽي شامل هئا، جڏهن برطانيہ سنڌ کي فتح ڪيو، ان وقت بہ تعلقي اوٻاوڙي جو اڳواڻ (چڱو مڙس) ڀنڀو/ ڀمڀو خان ڏهر هو. هو آزاد پسند شخصيت جو مالڪ هو، جنهن پنھنجي ڌيءُ جي شاديءَ ۾ لکين روپيا خرچ ڪري ڇڏيا. هن واقعي جي پسِ منظر ۾ ڄام ڀمڀي جي آکاڻي نالي ننڍو ڪتاب لکيو ويو هو. بعد ۾ ڏهر قبيلي جو اڳواڻ (چڱو مڙس) فتح محمد الياس ڀمڀو خان بڻيو. ڏهر قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو اڪثر زراعت جي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن، پر جيڪي ڏهر گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي اوٻاوڙي ۽ جيسلمير جي صحرائي علائقن ۾ رهن ٿا، اهي چوپايو مال ڌاريندا آهن. ڏهر قبيلي جا ڪجهہ اهم پاڙا هن ريت آهن: برهماڻي، باديپوٽا، ڀٽي، دوداڻي، گندياڻي/جنگاڻي، جماڻي، ڪانجا/ ڪنجا، ڪاپڙي، خنديال، محمداڻي، راڄڙي، شمشاڻي، سراجا، ڳوٿريل، متاري.
ايس. ايم. چنا پنھنجي مشھور ڪتاب Indian Tribes & Castes
جي جلد پنجين ۾ هن ذات بابت لکيو آهي تہ هي اصل ۾ جت آهن، جن کي بھاولپور ۽ ملتان ۾ وڏي اهميت مليل آهي. هي اصل ۾ گهوٽڪيءَ لڳ ميرپور ماٿيلي جي راجا راوڻ جا پونير آهن، جيڪو سيد جلال سرخ بخاريءَ جي هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيو ۽ هن پنهنجو نالو اميرالدهر يعني زماني جو بادشاھہ رکيو. هن ذات جي ڪنهن زماني ۾ سنڌ تي بادشاهي هئي، جنهن کي لانگاهن اچي ختم ڪيو ۽ مغل دؤر ۾ هن ذات وارا رڳو زميندار وڃي رهيا، پر جلد ئي جڏهن دائودپوٽا اُسريا تہ انهن جو ساٿ ڏنائون. هي اُچ جي گيلاني سيدن جا مريد آهن. هن ذات مان ڄام مهتاب ڏهر اڄڪلھہ سياست ۾ مشھور آهي، جڏهن تہ پنھل ڏهر مشھور اديب ۽ محقق طور سڃاتو وڃي ٿو.