ڏهس (شاعريءَ جي صنف): لوڪ ادب جي صنفن ۾ ’ڏهس‘ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڏهس، ڏھہ + س جو ميل آهي. ’س‘ نسبتي علامت آهي، يعني ڏهن لفظن واري صنف. اها صنف، جنهن ۾ هڪ اسم جا مختلف ٻولين مان ڏھہ هم معنيٰ لفظ آندل هجن. مختلف ٻولين جا ڏھہ نالا، جن سان محبوب جي ڪنهن نہ ڪنهن خوبيءَ يا وصف کي ڀيٽي سگهجي. مثلاً: محبوب جي خاص خوبي يا وصف سندس وارن، ڀِرون، اکين، ڳلن، ڏندن، چپن، ڳچي، چيلھہ وغيرہ ۾ سمايل رهي ٿي، جنهنڪري انهن وصفن لاءِ شاعرن تشبيهي لفظ ڳوليا آهن.
جھڙوڪ:
وار: نانگ، رات، ڀونر، ڪڪر وغيرہ
اک: هرڻ، ڪٽوري،
چهرو: چنڊ، سج، کنوڻ، سون، مشعل وغيرہ
نڪ: طوطو، انب جي ڦار وغيرہ
ڏند: موتي، ڏاڙهونءَ جي ڪڻ
چپ: مينهن وساڙو، لالي، لعل، مرجان، گلاب جو گل وغيرہ
ڳچي: ڪونج،
چيلھہ: شينهن، چيتو،
رفتار: هاٿي، هنج، مور، ڊيل وغيرہ
گفتار: ڪوئل
رات جا ڏھہ نالا: تڳي، تمياري، تامني، تامت مهل، رين رجني، رات، ليل ۽ پهپ انس.
شينهن جا ڏھہ نالا: گج، گنير، ڪنجال، فيل، وسو، ماتنگ، ناگ، مينڊل، وارڻ ۽ گونٽو.
نانگ جا ڏھہ نالا: اليهر، تليهر، بشيهر، راجل، ڦن، ارگ، سِسپهر، وشيهر، واسينگ ۽ پيئڻ.
محبوب جي حسن کي بيان ڪندي شاعر جدا جدا ٻولين جي لفظن جي استعمال سان بيتن جو سينگار ڪن ٿا. ڏهس نامن ۾ سينگار جا بيت بہ شامل آهن. انهيءَ ڪري شاعر نانگ، رات، ڀونر، ڪڪر، هرڻ، چنڊ، سج، کنوڻ وغيرہ اسمن لاءِ، ٻين ٻولين مان، هم معنيٰ لفظ ڳولي، ڏهس ۾ ڏاهپ ڏيکاريندا آهن. ڏهس لاءِ اهو شرط اولين آهي تہ آيل لفظ محبوب جي خوبين يا وصفن جي نمايان ترجماني ڪن. ڏهس جي بيت ۾ ڏھہ مختلف لفظ، ڏهن مختلف ٻولين: هندي، سرائيڪي، پالي، فارسي، عربي، پراڪرت، بروهڪي، سنڌي، سنسڪرت ۽ بلوچيءَ مان آندل هوندا آهن. دراصل ڏهس جي بنيادي معنيٰ بہ اها ئي آهي تہ: ڏھہ لفظ ڏهن مختلف ٻولين مان آندل هجن، پر شاعرن عموماً ڏهن کان گهٽ ٻوليون بہ استعمال ڪيون آهن، هڪ ڏهس لاءِ ڪيتريون مختلف پڙهڻيون موجود آهن. ڏهس ۾ آيل لفظ، عربي، فارسي، سنڌي، سرائڪي، پراڪرت، سنسڪرت، بلوچڪي، بروهڪي، ڍاٽڪي، لاسي ٿري ۽ سنڌ جي چوڌاري موجود محاورن تائين محدود آهن.
دادن فقير جا ڪجهہ بند ڏهس جا مثال طور ڏجن ٿا:
لڳائي دل مان ويٺو آهيان نوخيز دلبر سان،
بلا سان، باھہ سان، شعلي سان، قاتل سان، ستمگر سان.
-
سندس جي حسنِ تابان کي ڏيان تشبيھہ مان ڪهڙي،
ثريا سان، قمر سان، شمس سان، شيشي سان، اختر سان.
-
رهائي آسرن ۾ ويو هليو دلدار دادن کي،
محبت سان، ناز سان ۽ ڍنگ سان، ڍر سان.