ڏهيسر: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو تہ: ڏهيسر، ڪانجيءَ جي واليءَ جو سپھہ سالار هو. هي وڏو بھادر ۽ تير انداز هو، پر نادر شاھہ ڪانجيءَ جي مغروريءَ جي ڪري مٿس ڪاوڙيل هو، جنهنڪري نور محمد کي ڪانجيءَ جو قلعو فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ان کانپوءِ جڏهن تاجن منڌري ڀڄي وڃي ڪانجيءَ جي قلعي ۾ پناھہ ورتي، تڏهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڪانجيءَ جي قلعي کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ پهرين پنهنجو ايلچي مير شاهو بلوچ موڪلي، ڪانجيءَ کي چورايائين تہ تاجن منڌري کي پناھہ نہ ڏي، پر هن اهو پيغام ٺڪرائي ڇڏيو. ڏهيسر پنھنجي واليءَ کي چيو تہ اسين قلعي ۾ محفوظ آهيون، پر جي جنگ لڳي تڏهن بہ اسين بھادر ۽ جنگجو ويڙهاڪ آهيون، ميان نور محمد جو اسان سان ڪهڙو مقابلو! نادر شاھہ افشار طرفان ٻيو دفعو حڪم آيو تہ ڪانجيءَ جو قلعو جلد فتح ڪيو وڃي، اهو حڪم ٻڌي ميان نور محمد، ڪانجيءَ جي قلعي تي چڙهائي ڪئي، جنهن ۾ ساڻس گڏ پٽ ميان احمد يار خان، فضل خان، عارف خان، مير متارو، تاج محمد، ڀائي خان، شيخ محمد،
شاھہ بهارو، مراد ڪليري، مير چاڪر بلوچ، بختيار کهاوڙ، مسوسانيھہ، شير بخش، دريا خان ابڙو، شيخ شڪر الله، روحل کوسو، بلاول ۽ ڦتوهل هئا. ڪلهوڙن جي لشڪر ويندي شرط قلعي کي گهيرو ڪري ورتو. هڪ پاسي کان سرنگهہ ڪري ان ۾ بارود ڀريو ويو ۽ پوءِ انهيءَ بارود کي باھہ لڳائي وئي، اها سرنگهہ جڏهن ڦاٽي، تڏهن اهڙو تہ زوردار ڌماڪو ٿيو، جو قلعي جي ڀت اڏامي وئي ۽ ڪانجيءَ جي لشڪر کي گهڻو نقصان پهتو. اهو لقاءُ ڏسي ڏهيسر لشڪر سميت ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي ڪلهوڙن جي فوج سان وڙهڻ لڳو. گهمسان جي جنگ ۾ جڏهن ڏهيسر ۽ سندس ڀاءُ قتل ٿي ويا، تڏهن ڪانجي قلعي جي والي، ڪلهوڙن جي سپھہ سالار شاھہ بھاري کي درخواست ڪئي تہ جيتري بہ رقم کپئي سا وٺ ۽ مون کي ڪڇ ڏانهن نڪري وڃڻ ڏي، سندس اها درخواست منظور نہ ٿي، پر آخر شاھہ بھاري جي سفارش تي ڪانجيءَ جي واليءَ جي جان بخشي ٿي، پر کيس قيد ڪيو ويو. هي واقعو 1158ھہ/1745ع ۾ پيش آيو.