ڏهيسر: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: ڏهيسر، ڪانجيءَ جي واليءَ جو سپهه سالار هو. هي وڏو بهادر ۽ تير انداز هو، پر نادر شاهه ڪانجيءَ جي مغروريءَ جي ڪري مٿس ڪاوڙيل هو، جنهنڪري نور محمد کي ڪانجيءَ جو قلعو فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ان کانپوءِ جڏهن تاجن منڌري ڀڄي وڃي ڪانجيءَ جي قلعي ۾ پناهه ورتي، تڏهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڪانجيءَ جي قلعي کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته پهرين پنهنجو ايلچي مير شاهو بلوچ موڪلي، ڪانجيءَ کي چورايائين ته تاجن منڌري کي پناهه نه ڏي، پر هن اهو پيغام ٺڪرائي ڇڏيو. ڏهيسر پنهنجي واليءَ کي چيو ته اسين قلعي ۾ محفوظ آهيون، پر جي جنگ لڳي تڏهن به اسين بهادر ۽ جنگجو ويڙهاڪ آهيون، ميان نور محمد جو اسان سان ڪهڙو مقابلو! نادر شاهه افشار طرفان ٻيو دفعو حڪم آيو ته ڪانجيءَ جو قلعو جلد فتح ڪيو وڃي، اهو حڪم ٻڌي ميان نور محمد، ڪانجيءَ جي قلعي تي چڙهائي ڪئي، جنهن ۾ ساڻس گڏ پٽ ميان احمد يار خان، فضل خان، عارف خان، مير متارو، تاج محمد، ڀائي خان، شيخ محمد،
شاهه بهارو، مراد ڪليري، مير چاڪر بلوچ، بختيار کهاوڙ، مسوسانيهه، شير بخش، دريا خان ابڙو، شيخ شڪر الله، روحل کوسو، بلاول ۽ ڦتوهل هئا. ڪلهوڙن جي لشڪر ويندي شرط قلعي کي گھيرو ڪري ورتو. هڪ پاسي کان سرنگهه ڪري ان ۾ بارود ڀريو ويو ۽ پوءِ انهيءَ بارود کي باهه لڳائي وئي، اها سرنگهه جڏهن ڦاٽي، تڏهن اهڙو ته زوردار ڌماڪو ٿيو، جو قلعي جي ڀت اڏامي وئي ۽ ڪانجيءَ جي لشڪر کي گھڻو نقصان پهتو. اهو لقاءُ ڏسي ڏهيسر لشڪر سميت ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي ڪلهوڙن جي فوج سان وڙهڻ لڳو. گھمسان جي جنگ ۾ جڏهن ڏهيسر ۽ سندس ڀاءُ قتل ٿي ويا، تڏهن ڪانجي قلعي جي والي، ڪلهوڙن جي سپهه سالار شاهه بهاري کي درخواست ڪئي ته جيتري به رقم کپئي سا وٺ ۽ مون کي ڪڇ ڏانهن نڪري وڃڻ ڏي، سندس اها درخواست منظور نه ٿي، پر آخر شاهه بهاري جي سفارش تي ڪانجيءَ جي واليءَ جي جان بخشي ٿي، پر کيس قيد ڪيو ويو. هي واقعو 1158هه/1745ع ۾ پيش آيو.