ڏوريو: ڏوريو تمام سھڻو پکي آهي، جيڪو هماليہ جي چوٽين تان لھي سنڌ ۾ آڪٽوبر مهيني جي شروعات ۾ ايندو آهي ۽ مارچ ۾ واپسي ڪندو آهي. هن جي ڇاتيءَ وارا کنڀ ڪارا، ڀورا ۽ ناسي ٿيندا آهن. ڪن ملاحن جو چوڻ آهي تہ هي ديسي پکي آهي، پر ائين نہ آهي. هن جي چهنب هلڪي هلڪي ڳاڙهي بدڪ جيان گول ٿئي ٿي. ڏوريو اڏامڻ ۾ ڏاڍو چُست ٿيندو آهي. ڏينهن چڙهندو تہ ٻاهر نہ نڪرندو آهي. سڄيءَ رات کاڌي جي تلاش ڪندو آهي، سج چڙهي تہ پن جي لڪ ۾ يا گاھہ جي ٻوٽن ۾ محفوظ هنڌ تي ننڊ ڪندو آهي، اڪثر ڪري سڀ پکي هڪ پير تي ننڊ ڪندا آهن. ڏوريو آڏين ونجهرن ۽ ڍٻن ۾ گهٽ ڦاسندو آهي. هي سھڻو پکيءَ ڪجهہ سالن کان سنڌو درياھہ ۾ گهٽ اچي ٿو.