ڏوسو/ ڏوسي: ’ڏوس‘ لفظ جي معنيٰ ڪنجوسي آهي ۽ ڏوسو يا ڏوسي معنيٰ ڪنجوس آهي. جامع سنڌي لغات ۾ ڏوسو جي معنيٰ، ڪراڙو، جهونو، ٻُڍو، بخيل، ڪنجوس، وات ڪارو وغيرہ ڄاڻايل آهي، ان کي سنسڪرت ۾ دوشيه معنيٰ ’ڪپڙي وارو‘ بہ چئبو هو. ان جي پراڪرت صورت دوسيئه آهي. گجراتيءَ ۾ بہ دوشي ڪپڙي واري کي چئبو آهي. پراڻي دور ۾ سنڌ ۾ ان دوشيءَ کي ’بجا جي‘ چئبو هو، جيڪي ڪپڙي جو بجڪو ٻَڌي ڪلهي تي رکي، ڳوٺن جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيئي، ڪپڙو وڪڻندا هئا، ڇو تہ ان وقت ڪپڙي جا دڪان ڪو نہ هوندا هئا. زالون ڪپڙو خريد ڪرڻ مھل اگهہ جي لاھہ پاھہ تي ضد ڪنديون هيون، پر اهي اگهہ گهٽ نہ ڪندا هئا، ان ڪري هو ڪنجوس جي لفظ بجاءِ ڏوسو استعمال ڪنديون هيون. اهڙي نموني سان دوشي ’ڪپڙي وارو‘ لفظ ڏوسي، ڏوسو بڻيو، جيڪو لفظ اصطلاح طور مروج ٿي ويو، جنهن جي معنيٰ ’خواھہ مخواھہ‘ ۽ ’ڪنجوس‘ آهي. گجراتيءَ ۾ ڏوسو يا ڏوسي، وڏيءَ عمر جي مرد/ عورت کي چئبو آهي. ٿر ۾ پوڙهي عورت کي ’ڏوسي‘ چوندا آهن.