ڏونڪو مٽائڻ (رسم): هر عيد تي مڱڻهار عيد جي نماز کانپوءِ دهل ۽ شرناءِ تي پهرين ماتمي ڌن، پوءِ سُر ڪيڏاري تي ڪا ڌن وڄائيندا آهن، جنهن کي ’ڏونڪي مٽائڻ جي رسم‘ چيو ويندو آهي. هيءَ رسم سنڌ جي سمورين درگاهن تي رچائي ويندي آهي. سيوهڻ ۾ قلندر لعل شھباز جي درگاھہ تي پراڻي علم هيٺيان مڱڻهار گڏ ٿي هيءَ رسم ڪندا آهن. ذوالحج مهيني جي ويهين تاريخ واري رات جو قلندر جي درگاھہ ۾ نوبت جو ڏونڪو بدلائي ماتمي سُر ڪيڏاري جي ڌنن تي نغارن کي وڄايو ويندو آهي.
ماتم جي وڄت جي هڪ ڌن ’ڍانڍ‘ بہ آهي. جڏهن شھر مان تابوت يا گهوڙا نڪري پير پوٽن يا ڪربلا معليٰ (ثابت شاھہ جي درگاھہ) ڏانهن وڌندا آهن، تڏهن هي ڌن تيز تيز وڄائي ويندي آهي. هن ڌن ۾ هڪ عجيب قسم جو اثر موجود آهي ۽ ماتمي بيخود ٿي زور زور سان ’يا حسين‘ جي نعرن ۾ سينو پٽيندا آهن.