ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات

ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات

ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات

ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات (ڪتاب): هي ڪتاب عربي ٻوليءَ جي مشھور عالم ۽ مديني شريف جي رهواسي ابو طلحه محمد يونس جو توبھ ۽ استغفار جي موضوع تي تحرير ڪيل ڪتاب ’جبال الذنوب وسيل الغفران‘ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سليم سومري ڪيو آهي. گناهن ۽ توبہ جي موضوع تي هي ڪتاب تمام ڪارائتو ۽ دل تي اثر ڪندڙ نصيحتن تي مشتمل آهي، جيڪي قرآن، حديث ۽ جي نيڪ ٻانهن جي حڪايتن ۽ قصن مان ورتل آهن. ان کان علاوہ هن ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جي انهن آيتن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي، جيڪي توبہ ۽ استغفار جي فضيلتن ۽ خدا جي رحمت جي ڪشادگيءَ جو ڏس ڏين ٿيون. هي ڪتاب چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ تقريباً 120 مختصر موضوع، قصہ ۽ اسلامي واقعہ شامل آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هي ترجمو آسان، عام فھم ۽ اختصار تي ٻڌل آهي. ڪن جڳهين تي ٻوليءَ جي تقاضائن موجب ڪجهہ محاورن جو اضافو بہ ٿيل آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ’چڱا اکر‘ جي عنوان سان مترجم جي والد محمد قاسم ولد محمد ادريس سومري جو لکيل آهي. ان کان سواءِ سنڌيڪار پاران ڪتاب جي مواد تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ اصل عربي ڪتاب جبال الذنوب وسيل الغفران جي مصنف پاران لکيل تاليف جو پڻ سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جا ٽي ڇاپا روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2000ع، 2001ع ۽ 2004ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 200 صفحا آهن. جڏهن تہ ان جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو