ڏوهه: ڏوهه هڪ اهڙو فعل آهي، جنهن سان سماج جي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ۽ سماج ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو، جيڪو عمل انسانن توڙي حيوانن لاءِ هاڃيڪار هجي ۽ سماج کي نقصان رسائي، ان کي ’ڏوهه‘ چئي سگھجي ٿو. ڏوهن جي علم جي مشهور ماهر رُٿ ڪيون (Ruth Cavan) پنهنجي ڪتاب ‘Criminology’ ۾ ڏوهه جي تشريح هن ريت ڪئي آهي: ”ڏوهه معاشري جي معيارن تي پورو نه لهڻ وارو اهو ناپسنديده عمل آهي، جنهن سان سماج جو امن ۽ سلامتي متاثر ٿئي ٿي.“ پاڪستان پينل ڪوڊ (Pakistan Penal Code) جي روشنيءَ ۾ ڏوهه مذهبي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺاهيل اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙيءَ جو نالو آهي، جيڪو ناقابل معافي آهي. ڏوهه هڪ اهڙو فعل آهي، جيڪو معاشري ۾ ڏڦيڙ پکيڙي ٿو. هر معاشري ۾ ڏوهه کي ناقابلِ معافي قرار ڏئي ٿو. سماجي رسمن ۽ رواجن جي قدرن ۽ معيارن کي آڏو رکي، ثقافت ۽ تهذيب جي روشنيءَ ۾ معاشرتي قانون ٺاهيا ويندا آهن، جن جو مقصد معاشري ۾ امن، سلامتي ۽ تحفظ جي فضا قائم ڪرڻ هوندو آهي. انهن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن لاءِ سزائون مقرر آهن ۽ انهن سزائن تي عمل جي باري ۾ به خاص قانون ٺاهيا ويندا آهن. اهڙا قانون گھڻو ڪري ڏوهن متعلق هوندا آهن. قتل، اغوا، چوري، ڦر ۽ ٻين ڏوهن ڪرڻ واري کي ’ڏوهاري‘ سڏبو آهي. هر سماج ۾ ڏوهه جي نوعيت هڪجھڙي نه هوندي آهي. ڪجهه عمل هڪ معاشري ۾ جرم ۽ ٻئي معاشري ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا. مثال طور: اسان جي سماج ۾ زنا، شراب، حمل ڪيرائڻ قانوني ڏوهن ۾ شمار ٿين ٿا، پر مغربي سماج ۾ اهي ڏوهه نه ٿا سمجھيا وڃن. جپان ۾ حمل ڪيرائڻ قانوني طور تي جائز آهي. اسان جي سماج ۾ ڳئون ڪهڻ جائز آهي، پر هندو سماج ۾ اهو ڏوهه آهي. ڪجهه فعل اهڙا آهن، جيڪي هر سماج ۽ ملڪ ۾ ڏوهه سمجھيا ويندا آهن ۽ جن لاءِ قانون به هڪجهڙا آهن. قتل، چوري، غداري، خودڪشي، اغوا، ڦر وغيره کي هر سماج ۾ ڏوهه تصور ڪيو ويندو آهي. دنيا جي ڪيترن ملڪن وانگر اسان جي ملڪ ۾ به ڏوهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. ڏوهه هاڻي هڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سبب عوام پاڻ کي گھرن اندر به غير محفوظ سمجھڻ لڳو آهي. ڏوهن ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ سان گڏوگڏ ڏوهن ۾ روز بروز نوان طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا.
جيتوڻيڪ امن جو مسئلو پوري دنيا لاءِ مٿي جو سور بڻجي چڪو آهي، پرامن سمجھيا ويندڙ ملڪ به هاڻ ڏوهن کان خالي ناهن رهيا. آمريڪا ۾ 11 سيپٽمبر واري واقعي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهستي آهستي ڏوهن ۾ واڌ ايندي وڃي. معصوم ٻارن جي اغوا ۽ سندن بيدرديءَ سان قتل جھڙين وارداتن ته ماڻهن مان ماڻهپو ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان کان سواءِ قتل، اغوا، چوري، اسمگلنگ، لڄالٽ جا وڌندڙ واقعا دل ڏکوئيندڙ آهن. وڌندڙ ڏوهن جي رجحان تي جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته انهيءَ جا ڪيترائي سبب سامهون ايندا:
ڏوهن جا قسم: فرد مختلف قسمن جي ڪرت ڪن ٿا، اها ڪرت کين ورثي ۾ ملي ٿي يا ٻين کي ڏسي ڪنهن ڪرت ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو يا ماحولياتي مجبورين ڪري، ان ڪرت ۽ ڪاهي پون ٿا. ان قسم جا لاڙا هر فرد ۾ پنهنجي ذاتي تخليقي اولڙي، گهريلو اڻبڻت، سماجي ۽ اقتصادي سرشتي جي بدنظميءَ يا ڪنهن ڪرت جي لذت يا خوف سبب ٿين ٿا، مطلب ته فردن جا لاڙا ٻين فردن جي محرڪات ۽ عملن جي اثر هيٺ اچن ٿا ۽ تبديل ٿين ٿا.
سفيد پوش ڏوهاري (White Coller Crime): سفيد پوشيءَ وارن ڏوهن ۾ سماج جا معزز ۽ وڏا ماڻهو ملوث ٿين ٿا، جيڪي ٽئڪس جي ادائگيءَ کان بچڻ، قيمتن ۾ چاڙهه ڪرڻ، خرد برد، ٺڳيءَ ، دوکي بازيءَ، صارفين يا شين جي کپائيندڙن لاءِ هٿرادو کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ملاوت وغيره رستي دولت حاصل ڪن ٿا.
منظم ڏوهه (Organized Crime): جوابازي، قرض تي وياج خوري، منشيات جي ڪاروبار، رشوت خوري، عصمت فروشي وغيره جا عمل منظم ڏوهن ۾ شمار ٿين ٿا. آمريڪا ۾ جوابازي ذريعي جھجھو پئسو حاصل ڪيو وڃي ٿو. هيءُ ڌنڌو غير قانوني طور هلي رهيو آهي. جوابازيءَ جو ٻيو نفعي بخش طريقو گھوڙن جي شرط (Horse Race) آهي. اڄڪلهه هن ڌنڌي جون شاخون راندين جھڙوڪ: باڪسنگ، ريسلنگ، ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال وغيره جي روپ ۾ پئسا ڪمائي رهيون آهن. جيئن اسان جي سماج ۾ ڪُڪڙن، رڇ ڪتي، ملهه وڙهڻ تي شرطون رکيون وينديون آهن.
گھرن ۽ گھٽين ۾ ٿيندڙ ڏوهه (Street Crime): هنن ڏوهن ۾ ڦر ۽ ڌاڙي ۽ چوريءَ ذريعي ڏوهاري ماڻهو پئسو هٿ ڪندا آهن.
عادي ڏوهاري: هن قسم جا ڏوهاري ٻين قسمن جي ڏوهارين کان مختلف هوندا آهن. هنن جو ذهن تيار هوندو آهي ۽ ترغيب هيٺ اچي ڏوهه ڪندا آهن. هن قسم جا ڏوهاري گھڻو ڪري خانداني ڏوهاري ٿيندا آهن. هنن کي ڏوهن کان سواءِ لطف نه ايندو آهي. هو سزائن جي باوجود ڏوهه ڪندا آهن. عادي ڏوهاري سڏبا آهن. ڏوهن ۾ واڌ جو هڪ سبب بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي به آهي. روز بروز وڌندڙ مهانگائيءَ کي منهن نه ڏئي سگھندڙ يا ته موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا يا وري ڏوهن کي پنهنجو پيشو بڻائي پيٽ گذر ڪن ٿا. ڪيترا وري وڏيرن يا اثر رسوخ ماڻهن جي آزار سبب ڏوهاري بڻجن ٿا، جيئن سنڌ جو بدنام ڌاڙيل پرُو چانڊيي تر جي وڏيري جي آزار سبب روپوشي اختيار ڪئي هئي ۽ پوءِ ڀاءُ ۽ علي گوهر ڏيپراڻي سميت ڌاڙيل بڻجي قهري ڪاررواين تي مجبور ٿيو.
سماجيات جي ماهرن وڌندڙ ڏوهن کي مدنظر رکي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته: ”جيئن قانون کان مٿڀرائپ وڌندي، تيئن ڏوهن ۾ به واڌ ٿيندي. عام ماڻهوءَ کان ويندي سرڪاري عملدار (جن مٿان امن ۽ تحفظ جي ذميواري هجي ٿي) ڏوهه ڪندي ڏٺا وڃن ٿا. جيئن جيلن جو اصلاح گھر هئڻ کان وڌيڪ اذيت گھر هئڻ وارو لقاءُ رياستي ادارن پاران عدالتن کان مٿانهان قتل جهڙوڪ: اڄڪلهه سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن کي کنڀي کڻي وڃڻ، ٽارچر ڏيڻ، مختلف اذيتون ۽ صعوبتون ڏئي چيچلائي مارڻ، خود ڏوهه ۾ شمار ٿئي ٿو. شهيد يوسف جکراڻي، سميع الله ڪلهوڙي، سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي، نورالله تنيي، سڪندر سومري، مظفر ڀُٽي سميت بلوچستان جي قومپرستن جو قتل رياستي ڏوهن ۾ شمار ٿئي ٿو. حڪومت جي سنجيدگيءَ سبب ئي هن قسم جي ڏوهن تي ضابطو ممڪن آهي.