ڏوڏيجا (ذات): ڪرنل ٽاڊ جي ڪتاب ’راجستان جي اتهاس‘ ۾ ڏوڏا نالي هڪ نهايت حشمت واري حاڪم جو ذڪر آهي، جيڪو عيسوي ڇهين صديءَ ڌاري ٿي گذريو آهي. هُو هڪ رواجي سردار جو پٽ هو، پر پنھنجي سورهيائيءَ ۽ دٻدٻي سان هاڻوڪي جيسلمير ۽ بھاولپور ويجهو حڪومت برپا ڪئي هئائين. هن راجا ڏوڏا جو اولاد سندس ئي نالي پٺيان ’ڏوڏيجا‘ سڏجي ٿو. راجا ڏوڏا کي ٻارهن پٽ هئا، جي سندس چالاڻي کان پوءِ پاڻ ۾ نہ ٺھي هليا ۽ سندن حڪومت ئي ڊانواڊول ٿي وئي. امرتسر، ملتان، لوئر پنجاب، بھاولپور ۽ شڪارپور ۾ ڏوڏا يا ڏوڏيجا خاندان جا ڪيترائي گهر موجود رهيا آهن، جيڪي پنھنجي گهراڻي جي هستي قائم رکندا آيا آهن.
ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ بابت ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ۾ شڪارپور جي ڏوڏيجا خاندان جو ذڪر موجود آهي. هو لکي ٿو ته، ”شڪارپور ۾ ڏوڏيجن جا اٽڪل ٻہ سؤ گهر آهن، جن مان پنجاھہ کن گهر ڀائي سنتداس ڏوڏيجا جي اولاد جا آهن. [سنتداس ڏوڏيجا مشھور اديب لوڪرام ڏوڏيجا جو پڙڏاڏو هو.] ڀائي سنتداس جو پيءُ ڀائي رهنداس ڏوڏيجا (1811ع-1731ع) هڪ وڏو واپاري هو ۽ عيسوي ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري ٿي گذريو آهي. سنتداس جي پٽ تاراچند کي شڪارپور ۾ ٽامي ۽ پتل جي ديڳين ٺاهڻ جو وڏو ڪارخانو هوندو هو. شڪارپور جا ٺاٺارا ۽ تاراچند جون ديڳيون هنڌين ماڳين مشھور هونديون هيون. قنڌار، قلات ۽ ايران کان قافلا انهن ديڳين خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. لوڪرام ڏوڏيجا ۽ سندس پٽ ڏوڏيجا '>گرڌاري لال ڏوڏيجا (گ. ل. ڏوڏيجا) اديب هئڻ سان گڏ ڪاغذ ۽ شيشي جي ڪارخانن جا مالڪ هئا.
انهيءَ کان سواءِ ڏوڏيجا سکر، پني عاقل، گهوٽڪيءَ سميت هندستان جي ڪن شهرن ۾ پڻ آباد آهن، جن مان اڪثر ڪاروبار ڪندا آهن.