ڏوڏيجا، پيسو مل: ديوان پيسو مل ڏوڏيجا شڪارپور ۾ ڪاروبار ۽ تعليم جي حوالي سان انتهائي معتبر شخصيت ٿي گذريو آهي. ديوان پيسو مل کي ننڍپڻ کان وٺي سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين سکڻ جو چاھہ هو. مئٽرڪ جو امتحان سنسڪرت ۾ ڏنائين، اهو بہ ان وقت جڏهن سنڌ ۾ فارسيءَ جي چالامان هو ۽ سنسڪرت سيکارڻ جو ڪو اسڪولن ۾ خاطر خواه بندوبست نہ هوندو هو. ديوان پيسو مل بابت مشھور تاريخدان ڀيرومل مهرچند آڏاوڻيءَ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”پيسو مل سنسڪرت ۾ ايتري قدر قابل هو جوسنڌ جا وڏا پنڊت بہ پنهنجون مشڪلاتون کانئس حل ڪرائيندا هئا.“ هن لاڙڪاڻي ۾ هڪ نائيٽ اسڪول کولرايو. 19هين صديءَ جي آخر ۾ وڪالت جو امتحان ڏئي لاڙڪاڻي ۾ 35 ورهيہ وڪالت ڪيائين. هو ميراڻي پوشاڪ پائيندو هو ۽ عام طرح ديوان پيسو مل سڏبو هو. هو لاڙڪاڻي جي بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري هو ۽ ڪجهه وقت بار ايسوسيئشن جو صدر بہ رهيو. هن 1931ع ۾ وفات ڪئي، ديوان پيسو مل جو فرزند لوڪرام ڏوڏيچا ۽ پوٽو گرڌاري لعل عرف گ. ل. ڏوڏيچا سنڌي ٻوليءَ جا نامور اديب ٿي گذريا آهن.