ڏوگر/ ڊوگر: پنجاب ۽ ڪشمير ۾ هن ذات وارن کي ’ڊوگر‘ ۽ سنڌ ۾ ’ڏوگر‘ سڏيو وڃي ٿو. ڏوگر، گهڻي ڀاڱي مسلمان آهن. ڏوگر، چوهاڻ راجپوت ۽ پنهوار راجپوتن مان آهن، ڪي جت بہ سڏجن ٿا. پنجاب ۾ ڏوگرن جا خاص پاڙا، تگرا، ٽوپوارا، پڙجت، چوپورا، چوڪرا، چينا، ماهو ۽ مٽر آهن. ڊوگر، هندستان جي هماچل پرديش ۽ پنجاب ۾ بہ رهن ٿا، جن جو ذڪر پلوميءَ بہ ڪيو آهي، جيڪو سڪندراعظم سان 325 ق. م ۾ گڏجي آيو هو. هو ڄاڻائي ٿو تہ هي بھادر ماڻهو شيوالڪ جبلن جي جابلو سلسلي ۾ رهن ٿا. امير خسرو هن قبيلي لاءِ لکيو آهت ڏوگر اصل ۾ راجسٿاني يا سنڌي لفظ ڏونگر مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’جبل‘ آهي. هي جابلو علائقي جا رهاڪو آهن. پاڪستان جي مشھور ۽ ناليواري ڪلاسيڪي ڳائڻي ملڪہ پکراج ۽ اڳوڻو چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر بہ هن قبيلي سان واسطو رکن ٿا. سنڌ ۾ ڏوگر، نوابشاھہ، خيرپور ميرس ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رهن ٿا. ڪتاب ’تواريخ ڊيرا غازي خان‘ ۾ لکيل آهي تہ ’ڏوگر‘ جت آهن، جن کي ڊوگر بہ چون ٿا. هنن جو وڏو ڄام ڏوگر هو، جنهن جي نالي پٺيان هي ’ڏوگر‘ سڏجن ٿا.