ڏوھہ

ڏوھہ: ڏوھہ هڪ اهڙو فعل آهي، جنهن سان سماج جي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ۽ سماج ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو، جيڪو عمل انسانن توڙي حيوانن لاءِ هاڃيڪار هجي ۽ سماج کي نقصان رسائي، ان کي ’ڏوھہ‘ چئي سگهجي ٿو. ڏوهن جي علم جي مشھور ماهر رُٿ ڪيون (Ruth Cavan) پنھنجي ڪتاب ‘Criminology’ ۾ ڏوھہ جي تشريح هن ريت ڪئي آهي: ”ڏوھہ معاشري جي معيارن تي پورو نہ لھڻ وارو اهو ناپسنديده عمل آهي، جنهن سان سماج جو امن ۽ سلامتي متاثر ٿئي ٿي.“ پاڪستان پينل ڪوڊ (Pakistan Penal Code) جي روشنيءَ ۾ ڏوھہ مذهبي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺاهيل اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙيءَ جو نالو آهي، جيڪو ناقابل معافي آهي. ڏوھہ هڪ اهڙو فعل آهي، جيڪو معاشري ۾ ڏڦيڙ پکيڙي ٿو. هر معاشري ۾ ڏوھہ کي ناقابلِ معافي قرار ڏئي ٿو. سماجي رسمن ۽ رواجن جي قدرن ۽ معيارن کي آڏو رکي، ثقافت ۽ تھذيب جي روشنيءَ ۾ معاشرتي قانون ٺاهيا ويندا آهن، جن جو مقصد معاشري ۾ امن، سلامتي ۽ تحفظ جي فضا قائم ڪرڻ هوندو آهي. انهن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن لاءِ سزائون مقرر آهن ۽ انهن سزائن تي عمل جي باري ۾ بہ خاص قانون ٺاهيا ويندا آهن. اهڙا قانون گهڻو ڪري ڏوهن متعلق هوندا آهن. قتل، اغوا، چوري، ڦر ۽ ٻين ڏوهن ڪرڻ واري کي ’ڏوهاري‘ سڏبو آهي. هر سماج ۾ ڏوھہ جي نوعيت هڪجهڙي نہ هوندي آهي. ڪجهہ عمل هڪ معاشري ۾ جرم ۽ ٻئي معاشري ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا. مثال طور: اسان جي سماج ۾ زنا، شراب، حمل ڪيرائڻ قانوني ڏوهن ۾ شمار ٿين ٿا، پر مغربي سماج ۾ اهي ڏوھہ نہ ٿا سمجهيا وڃن. جپان ۾ حمل ڪيرائڻ قانوني طور تي جائز آهي. اسان جي سماج ۾ ڳئون ڪھڻ جائز آهي، پر هندو سماج ۾ اهو ڏوھہ آهي. ڪجهہ فعل اهڙا آهن، جيڪي هر سماج ۽ ملڪ ۾ ڏوھہ سمجهيا ويندا آهن ۽ جن لاءِ قانون بہ هڪجهڙا آهن. قتل، چوري، غداري، خودڪشي، اغوا، ڦر وغيرہ کي هر سماج ۾ ڏوھہ تصور ڪيو ويندو آهي. دنيا جي ڪيترن ملڪن وانگر اسان جي ملڪ ۾ بہ ڏوهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. ڏوھہ هاڻي هڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سبب عوام پاڻ کي گهرن اندر بہ غير محفوظ سمجهڻ لڳو آهي. ڏوهن ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ سان گڏوگڏ ڏوهن ۾ روز بروز نوان طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا.
جيتوڻيڪ امن جو مسئلو پوري دنيا لاءِ مٿي جو سور بڻجي چڪو آهي، پرامن سمجهيا ويندڙ ملڪ بہ هاڻ ڏوهن کان خالي ناهن رهيا. آمريڪا ۾ 11 سيپٽمبر واري واقعي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ آهستي آهستي ڏوهن ۾ واڌ ايندي وڃي. معصوم ٻارن جي اغوا ۽ سندن بيدرديءَ سان قتل جهڙين وارداتن تہ ماڻهن مان ماڻهپو ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان کان سواءِ قتل، اغوا، چوري، اسمگلنگ، لڄالٽ جا وڌندڙ واقعا دل ڏکوئيندڙ آهن. وڌندڙ ڏوهن جي رجحان تي جيڪڏهن غور ڪيو وڃي تہ انهيءَ جا ڪيترائي سبب سامهون ايندا:
ڏوهن جا قسم: فرد مختلف قسمن جي ڪرت ڪن ٿا، اها ڪرت کين ورثي ۾ ملي ٿي يا ٻين کي ڏسي ڪنهن ڪرت ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو يا ماحولياتي مجبورين ڪري، ان ڪرت ۽ ڪاهي پون ٿا. ان قسم جا لاڙا هر فرد ۾ پنھنجي ذاتي تخليقي اولڙي، گهريلو اڻبڻت، سماجي ۽ اقتصادي سرشتي جي بدنظميءَ يا ڪنهن ڪرت جي لذت يا خوف سبب ٿين ٿا، مطلب تہ فردن جا لاڙا ٻين فردن جي محرڪات ۽ عملن جي اثر هيٺ اچن ٿا ۽ تبديل ٿين ٿا.
سفيد پوش ڏوهاري (White Coller Crime): سفيد پوشيءَ وارن ڏوهن ۾ سماج جا معزز ۽ وڏا ماڻهو ملوث ٿين ٿا، جيڪي ٽئڪس جي ادائگيءَ کان بچڻ، قيمتن ۾ چاڙھہ ڪرڻ، خرد برد، ٺڳيءَ ، دوکي بازيءَ، صارفين يا شين جي کپائيندڙن لاءِ هٿرادو کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ملاوت وغيرہ رستي دولت حاصل ڪن ٿا.
منظم ڏوھہ (Organized Crime): جوابازي، قرض تي وياج خوري، منشيات جي ڪاروبار، رشوت خوري، عصمت فروشي وغيرہ جا عمل منظم ڏوهن ۾ شمار ٿين ٿا. آمريڪا ۾ جوابازي ذريعي جهجهو پئسو حاصل ڪيو وڃي ٿو. هيءُ ڌنڌو غير قانوني طور هلي رهيو آهي. جوابازيءَ جو ٻيو نفعي بخش طريقو گهوڙن جي شرط (Horse Race) آهي. اڄڪلھہ هن ڌنڌي جون شاخون راندين جھڙوڪ: باڪسنگ، ريسلنگ، ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال وغيرہ جي روپ ۾ پئسا ڪمائي رهيون آهن. جيئن اسان جي سماج ۾ ڪُڪڙن، رڇ ڪتي، ملھہ وڙهڻ تي شرطون رکيون وينديون آهن.
گهرن ۽ گهٽين ۾ ٿيندڙ ڏوھہ (Street Crime): هنن ڏوهن ۾ ڦر ۽ ڌاڙي ۽ چوريءَ ذريعي ڏوهاري ماڻهو پئسو هٿ ڪندا آهن.
عادي ڏوهاري: هن قسم جا ڏوهاري ٻين قسمن جي ڏوهارين کان مختلف هوندا آهن. هنن جو ذهن تيار هوندو آهي ۽ ترغيب هيٺ اچي ڏوھہ ڪندا آهن. هن قسم جا ڏوهاري گهڻو ڪري خانداني ڏوهاري ٿيندا آهن. هنن کي ڏوهن کان سواءِ لطف نہ ايندو آهي. هو سزائن جي باوجود ڏوھہ ڪندا آهن. عادي ڏوهاري سڏبا آهن. ڏوهن ۾ واڌ جو هڪ سبب بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي بہ آهي. روز بروز وڌندڙ مهانگائيءَ کي منهن نہ ڏئي سگهندڙ يا تہ موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا يا وري ڏوهن کي پنهنجو پيشو بڻائي پيٽ گذر ڪن ٿا. ڪيترا وري وڏيرن يا اثر رسوخ ماڻهن جي آزار سبب ڏوهاري بڻجن ٿا، جيئن سنڌ جو بدنام ڌاڙيل پرُو چانڊيي تر جي وڏيري جي آزار سبب روپوشي اختيار ڪئي هئي ۽ پوءِ ڀاءُ ۽ علي گوهر ڏيپراڻي سميت ڌاڙيل بڻجي قهري ڪاررواين تي مجبور ٿيو.
سماجيات جي ماهرن وڌندڙ ڏوهن کي مدنظر رکي پنھنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي تہ: ”جيئن قانون کان مٿڀرائپ وڌندي، تيئن ڏوهن ۾ بہ واڌ ٿيندي. عام ماڻهوءَ کان ويندي سرڪاري عملدار (جن مٿان امن ۽ تحفظ جي ذميواري هجي ٿي) ڏوھہ ڪندي ڏٺا وڃن ٿا. جيئن جيلن جو اصلاح گهر هئڻ کان وڌيڪ اذيت گهر هئڻ وارو لقاءُ رياستي ادارن پاران عدالتن کان مٿانهان قتل جھڙوڪ: اڄڪلھہ سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن کي کنڀي کڻي وڃڻ، ٽارچر ڏيڻ، مختلف اذيتون ۽ صعوبتون ڏئي چيچلائي مارڻ، خود ڏوھہ ۾ شمار ٿئي ٿو. شھيد يوسف جکراڻي، سميع ڪلهوڙي، سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي، نورالله تنيي، سڪندر سومري، مظفر ڀُٽي سميت بلوچستان جي قومپرستن جو قتل رياستي ڏوهن ۾ شمار ٿئي ٿو. حڪومت جي سنجيدگيءَ سبب ئي هن قسم جي ڏوهن تي ضابطو ممڪن آهي.


لفظ ڏوھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو