ڏيئا تيل ڦليل جا

ڏيئا تيل ڦليل جا

ڏيئا تيل ڦليل جا

ڏيئا تيل ڦليل جا (ڪتاب): تيل ڦليل جا'>ڏيئا تيل ڦليل جا ڪتاب، علي احمد بروهيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ مزاحيہ انداز ۾ لکيل مضمون شامل آهن. سندس ٻہ سؤ صفحن جي هن ڪتاب جو پيش لفظ مشھور قلمڪار عبدالحليم جوش لکيو آهي ۽ علي احمد بروهيءَ پنھنجي تخليقن جي هن مجموعي جو انتساب سنڌ جي عظيم شاعر شاھہ عبدالطيف ڀٽائيرح جي نانءِ ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڪالم ’وتائي سان ملاقات‘ جي عنوان سان آهي، جنهن مان سندس سچ لکڻ جي انوکي انداز جي پرک پئجي ٿي. هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن ڇپرايو آهي. ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1987ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ ڏيئا تيل ڦليل جاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو