
ڏيئو
ڏيئو: ڏيئو مٽيءَ مان ٺهيل هڪ ننڍڙو ٿانءُ آهي، جيڪو ڪنڀار ٺاهيندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن ماڻهو روشنيءَ لاءِ مختلف طريقا ڳوليندا هئا، تنهن دور جي ڪنڀار ڏيئو ايجاد ڪيو، جنهن کي گهڻي عرصي تائين ماڻهن گهرن ۾ روشنيءَ لاءِ استعمال ۾ آندو. تنهن کان پوءِ وري لالٽين جو استعمال وڌيو ۽ هاڻي بجلي عام ٿيڻ کان پوءِ بلب هر گهر جي ضرورت بڻجي ويو آهي. ڏيئو مٽي/ ٺڪر جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن کي ٺاهيندڙ هڪ طرف کان هڪ سنڌو (خال) ڇڏيندو آهي. ڏيئي کي تيل سان ڀري ان ۾ ڪپھہ يا سوٽي ڪپڙي جي ڊگهي وٽ ٻوڙي ۽ تيل سان ٻڏل وَٽِ جو هڪ حصو اڻ ڇڏيل سَنڌي (خال) تي رکي ان کي ٻاريو ويندو آهي. جيئن جيئن اها وَٽ ٻرندي ويندي، تيئن تيئن انهيءَ پيالي نما ڏيئي مان تيل گهٽبو ويندو ۽ جيستائين اهو تيل هوندو ڏيئو ٻرندو رهندو. هن وقت بہ ماڻهو ڏيئو روشنيءَ جي علامت طور وٺندا آهن ۽ مختلف مذهبي توڙي ثقافتي ڏهاڙن جي موقعن تي ٻاريندا آهن. ڪن موقعن تي تيل جي بدران پنھنجي رت سان ڏيئا ٻاري ڪنهن نئين عزم کي ورجائيندي وچن ڪندا آهن. اڪثر اهڙيون ريتون ڪنهن عظيم شخصيت جي ياد ۾ منعقد ڪيل تقريبن يا ڏهاڙن تي نظر اينديون آهن.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر مومل راڻي ۾ بہ ڏيئي جو ذڪر ملي ٿو.
ڏيئن ڏينهن ڪيو، وتن وَٽ ٻرِي،
اُڀري چڙهيا اڱڻ تي وهائو وري،
سوڍا تو سري، پر مون نہ سري مينڌرا.
ڏياٽي: ڏياٽي، ڏيئي جو تصغيري نالو آهي يا ننڍڙي ڏيئي کي چئبو آهي. هيءَ مٽيءَ جي ٺڪر مان ٺهيل هوندي آهي، جنهن جا بظاهر ٻہ حصا هوندا آهن. ويڪري منهن وارو تراکڙو حصو، جيڪو بناوٽ ۾ چانھہ جي پيالي جهڙو هوندو آهي ۽ ان جي ڪنارن جي اوچائي چانھہ جي پياليءَ کان ڪجهہ وڌيڪ هوندي آهي.
هن جي اندر تري جي وچ تي مخروطي يا نباتي شڪل سان بونبڙي هوندي آهي، جيڪا گهڻو ڪري ڏياٽي جي ڪنارن کان ٿوري اوچي هوندي آهي. ڏياٽي جي هڪ پاسي بند نالي هوندي آهي، جيڪا هيٺ ڏياٽي جي تري وٽ ۽ مٿان ڪناري کان ٻاهر کليل هوندي آهي، جنهن جي ڊيگهہ 3 انچ جيتري ۽ قطر بہ ڏيڍ انچ کن هوندو آهي. نالي جو هيٺيون ڇيڙو ڪجهہ ويڪرو هوندو آهي، جنهن منجهان سُٽ جي وٽ نڪتل هوندي آهي، جيڪا گاسليٽ وجهڻ کانپوءِ مٿئين پاسي کان تيلي سان ٻاري ويندي آهي، جتي ڳوٺن ۾ بجلي ناهي، اتي ڏياٽي جو استعمال عام آهي. بجلي عام ٿيڻ کان اڳ 15 شعبان شبِ برات تي ڏياٽيون ٻاريون وينديون هيون. هاڻي انهن جي جڳھہ تي رنگ برنگي بلب ٻاريا وڃن ٿا.