
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن (ڪتاب): هي سنڌ جي نامور محقق دادا سنڌيءَ جي تاريخي مضمونن جو مجموعو آهي، جن ۾ سڪندر مقدونيءَ، محمد شاھہ تغلق ۽ فيروز شاھہ تغلق، شاھہ بيگ ارغون، پورچوگيزن، نادرشاھہ، مدد خان، شجاع الملڪ (پٺاڻ) ۽ انگريزن جو احوال ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ سنڌ پراڻي زماني کان وٺي مظلوم خطو پئي رهيو آهي. هن جي زرخيزي، اميري، شاهوڪاري ۽ دولت جي گهڻائيءَ کي ڏسي، دنيا جي غنيم، ظالم ۽ جابر حاڪم حق يا ناحق سنڌ تي پئي ڪاهيو آهي ۽ هر جائز يا ناجائز طريقي سان سنڌ کي ڦري ۽ لٽي تباھہ ڪيو آهي . . . اتهاس جو ورق ورق ۽ پنو پنو گواھہ آهي تہ سنڌ جو عوام آزادي پسند آهي، پر جڏهن انهن آمرن مٿن حملا ڪيا، تڏهن سنڌي سوڍن، انهن غنيمن ۽ لٽيرن سان مهاڏو ڏنو . . .
ليکڪ ڪتاب بابت وڌيڪ لکي ٿو ته، ”هن ڪتاب ۾ مون دنيا جي اهڙن لٽيرن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ’عالمي لٽيرا‘ مڃيا وڃن ٿا. جن پنھنجي حرص ۽ هوس جو نشانو دنيا جي هر سرسبز خطي کي بنايو. پر سنڌ کي هنن پنھنجي ’پيءُ جي ملڪيت‘ سمجهي کيس ڏُڌو. هنن ڄرون وانگر سنڌڙيءَ جو رت چوسيو. ڪن کي پنھنجي ملڪ مان تڙايو ويو تہ هت اچي آرام ڪيائون، ڪن کي دنيا جي لالچ ٿي تہ هتان اچي اٺ ۽ جھاز ڀريائون، ڪنهن کي ڌيءَ جو ڏاج گهربو هو تہ هتان اچي اهو فرض پورو ڪيائين، تہ ڪنهن کي وري پنھنجي بادشاهت کٽل نظر آئي تہ سنڌ کي قبضي ۾ آڻي، ان کي وسيع ڪيو.“
هن ڪتاب جا ٻہ اکر محترم الهبچائي مرڻاس لکيا آهن، جڏهن تہ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نياز همايوني، قريشي حامد علي خانائي، منير ’ماڻڪ‘، تاج جويي جا تاثرات بہ ڪتاب ۾ شامل آهن.
هي ڪتاب لطيف ادبي اڪيڊمي، ميرپور ماٿيلي پاران، اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري، الهبچائي مرڻاس، 1983ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.