ڏيرو عبدالڪريم

ڏيرو، عبدالڪريم: مولانا عبدالڪريم ولد حاجي الھورايو ڏيرو، ڳوٺ رضا محمد ڏيري، ضلعي دادوءَ ۾ 1315ھہ/ 1897ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم قرآن مجيد، فارسي، عربي، صرف نحو ۽ ادب جي تعليم محمد اسماعيل ڪنڊي واري کان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ وڌيڪ عربيءَ جو علم ڳوٺ ٻانهي لاکير، تعلقي ميهڙ مان مولوي الاهي بخش کان حاصل ڪيائين ۽ طريقت جي شوق ۾ هندستان ۾ وڃي خواجہ محمد عمر چشمويءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. صرف نحو ۽ ادب جو وڏو ماهر هو. سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي زبانن ۾ تعليم ڏيندو هو.
هن عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن ۾ مقدمھ، تفسير قرآن، راحة القلوب في السان المحبوب، اخلاق نامھء امام غزالي، اعتقاد نامہ امام رباني، تعليم قرآن ۽ معلم القرات وغيرہ شامل آهن. هن عربيءَ ۾ ڪل 4 ڪتاب ۽ فارسيءَ ۾ 25 ڪتاب لکيا.
هن پنھنجي ڳوٺ رضا محمد ڏيري ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جتي ڪيترائي سال تعليم ڏيندو رهيو. علم تصوف تي گهڻو ڌيان ڏيندو هو. کيس عربيءَ ۾ گهڻي مهارت حاصل هئي. سندس شاگرد بہ عربيءَ ۾ تقريرون ڪندا هئا. پاڻ هميشہ حقوق العباد جي ادائگيءَ جي هدايت ڪندو هو. ان کانسواءِ پاڻ مختلف علائقن ۾ مدرسا پڻ کولرايائين، جن ۾
’مدرسہ دارالقرآن‘ اڄ بہ سندس نالي سان مشھور آهي. هن جي مشھور شاگردن ۾ مولانا عبدالغفور، مولانا دين محمد، حڪيم قطب الدين وغيرہ شامل آهن.
مولانا عبدالڪريم 63 سالن جي عمر ۾ 8 رجب 1373ھہ/ 13 مارچ 1954ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ميهڙ جي اُلهندي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو