ڏيرو مولانا احمد علي مشتاق

ڏيرو، مولانا احمد علي ’مشتاق‘: مشھور عالم مولانا احمد علي ڏيري، خيرپور ناٿن شاھہ ڀرسان ڏيرن جي ڳوٺ ۾ 1917ع ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم کان وٺي دستاربنديءَ تائين علم، پنھنجي ڳوٺ جي عالم استادن جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪيائين. سندس والد مولوي محمد علي وڏو عالم ۽ حڪيم هو. هن پڻ پيءُ کان حڪمت سکي ۽ خود بہ سٺو حڪيم ثابت ٿيو.
مولانا احمد علي شاعر بہ هو ۽ سندس تخلص مشتاق هو. هو بزم خليل ميهڙ جي مشاعرن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. گڏوگڏ بزم آفتاب ادب دادوءَ جي مشاعرن ۾ بہ شرڪت ڪندو هو. لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ’اديب سنڌ‘ رسالي ۾ سندس شاعري ڇپبي هئي. مولانا مشتاق علي 29 سالن جي عمر مئي 1946ع ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو