ڏينڀن کي هوائي جھاز بنائڻ

ڏينڀن کي هوائي جھاز بنائڻ (راند): هيءَ راند ننڍڙا ٻار ڪندا آهن ۽ سرءُ جي موسم ۾ رچائيندا آهن. جڏهن ڏينڀن جا ڏنگ پچي پوندا آهن ۽ ڌڪ هڻڻ جي قابل نہ رهندا آهن. هن موسم ۾ جڏهن سيءُ پوندو آهي. تڏهن ڏينڀو پنهنجا مانارا ڇڏي جاين ۾ لڪڻ لاءِ ايندا آهن. ۽ ڀونڀٽ پيو پوندو اٿن. ٻار وجهہ وٺي، مائٽن کان لڪي منجهند مھل انهن جاين ۾ ويندا آهن، جتي ڏينڀو هوندا آهن. ٻارن وٽ ڌاڳا بہ هوندا آهن، جيڪو ڏينڀو وچڙي اچي پٽ تي ڪريو. ان کي وڃي هٿ ڪندا ۽ ڌاڳي جي سرڪڻ ٺاهي ڏينڀوءَ جي چيلھہ ۾ کڻي وجهندا، اهڙيءَ طرح هر هڪ ٻار ڪيترائي ڏينڀو هٿ ڪري، انهن کي پنهنجا هوائي جھاز سڏيندا آهن. پوءِ ٻار انهن کي ڊگها ڌاڳا ٻڌي اڏائيندا آهن ۽ خوشيون ڪندا آهن. هن موسم ۾ ڏينڀو ڏنگ ناهي هڻندو. اگر هڻي وجهندو تہ ڏنگ وارو هنڌ دڙا ٿي پوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو