
ڏينڀو
ڏينڀو (Wasp): زهريلي قسم جو هڪ جيت، جنهن جو ڏنگ متاثر جڳھہ کي ڪيترن ڏينهن لاءِ سڄائي ڇڏيندو آهي. هيءُ جيت هيڊي رنگ جو ٿئي ٿو، جيڪو وڻن، لوڙهن ۽ گهرن جي ڇتين ۾ مانارو ٺاهي ويهندو آهي. هن جا ڪافي قسم ۽ رنگ ٿين ٿا. ڏينڀو پنهنجا گهر يا مانارا خاڪي شيءِ سان جوڙيندا آهن، جيڪو سخت ڪاغذ ۾ تبديل ڪندا آهن. روايت آهي تہ انسان کان اڳ ڏينڀن ڪاغذ تيار ڪيو. هو پنھنجي ڄاڙين سان پراڻي سڙيل ڪاٺيءَ کي کرڙي هڪڙي قسم جو رس ڪڍي انهيءَ ۾ ڀڄائيندا آهن، انهيءَ مان جيڪو ڪاغذ جوڙيندا آهن، سو ڏاڍو سوٽ هوندو آهي. هن جي ماناري جا خانا ڇھہ ڪنڊا هوندا آهن، جنهن ۾ پندرهن تھہ خانا هوندا، جيڪي هڪ ٻئي کان جدا هوندا آهن.
هر هڪ خاني ۾ هڪ آنو پوندو آهي. ڏينڀوءَ جي آني مان اٽڪل اٺن ڏينهن اندر ٻچو نڪري ٿو. ٻچن کي ماديون کاڌو ڳوهي ڳوڙهيون ڪري کارائينديون آهن. جهڙي طرح پکي چهنب ۾ کاڌو کڻي ٻچن کي کارائيندا آهن، جڏهن جيت ڏينڀو جي شڪل وٺي ٿو تہ اهو خانو اگهي صفا ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ منجهس ٻيو آنو رکن. ڏينڀو خاموش ۽ گهٽ ويڙهو جيت آهي، پر ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ سان شديد حملو ڪري ٿو. هن جو ڏنگ ماکيءَ جي مک کان وڏو ۽ وڌيڪ اثر انداز ٿيندو آهي. قديم سنڌ ۾ ۽ هاڻ ڏينڀو جي نر ۾ ڏنگ ناهي ٿيندو. اونهاري ۾ گرمين جي دوران هيءُ جيت ظاهر ٿئي ٿو ۽ پنھنجي واڌ ويجهہ ڪندو آهي. سياري ۾ هي جيت گهٽ ڏٺو ويو آهي.