ڏيول ديوي: ڏيول ديويءَ کي، هند سنڌ جا هندو، خاص ڪري ٿر ۽ راجسٿان جا چارڻ ۽ راجپوت ذاتيون، شڪتيءَ جي حيثيت ۾ پوڄيندا آهن. ڏيول ماتا، جيسلمير جي ڳوٺ ماڙوي ۾ ڀلو جيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هو منجهس شروع کان ئي شڪتي سمايل هئي. ڏيول ماتا جا ٿانَ هر هنڌ قائم ڪري سگهجن ٿا، پر ڏيول ماتا جو ٿر ۾ مرڪزي ٿانُ عمرڪوٽ شھر کان 5 ڪلوميٽر اتر طرف مشھور ڳوٺ ’کاروڙي چارڻ‘ ۾ آهي، جنهن جو بنياد ڏيول ماتا پنهنجن هٿن سان رکيو هو ۽ سڄي حياتي هتي رهي شيوا ڪئي هئي.
ڏيول جي گادي نشين کان روايت آهي تہ ڳوٺ کاروڙي چارڻ جو ڀوپت چارڻ پنھنجي راڄ جو اڳواڻ هو، جنهن کي ٻين راڄن کان مهڻا ملڻ لڳا تہ سندس راڄ ۾ اڄ تائين ڪا بہ شڪتي موجود نہ آهي. اُن ڪري، هو ڪيترا ڀيرا کاروڙي کان هنگلاج پنڌ بہ ويو ۽ وڃي شڪتي ديويءَ کي پرارٿنا ڪيائين. هو هر دفعي واپسيءَ تي ابتي پيرين ايندو هو ۽ ڪڏهن بہ هنگلاج کي پُٺ نہ ڏيندو هو. آخري ڀيري هنگلاج ياترا دوران کيس بشارت ملي ته، ”هاڻي تون هنگلاج نہ اچجان، تنهنجيءَ ٽين پيڙهيءَ ۾ شڪتي تنھنجي گهر ايندي!“ ان بعد ڀوپت جي پٽ ريلڻ جي کي ٻاپن جي نالي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جي شادي جيسلمير جي ڳوٺ ماڙوي ۾ ڏيول ديويءَ سان ٿي.
ڏيول جي شڪتي هئڻ جي تڏهن خبر پئي، جڏهن شاديءَ بعد ماڙوي کان کاروڙي اچڻ وقت رستي ۾ رات پوڻ سبب ڳڙسي راجا جي بستيءَ ۾ هڪ بيوھہ عورت جي گهر اچي رهيا، جيڪا ڪنڀارڻ هئي، ڳڙسي راجا بيماريءَ ۾ مبتلا هو. سندس ڳڙھہ (ڦرڙيءَ) جو علاج روزانو نئين ماڻهوءَ جو جيرو ٻَڌي ڪيو ويندو هو، اهو علاج جوتشين جو ڏسيل هو. ڳڙسي راجا واري واري تي هر گهر مان هڪ ڀاتيءَ جو روزانو جيرو/ ڪليجو ڪڍائي ڦرڙيءَ تي ٻَڌندو هو. ماڻهو هن ظلم کان تنگ اچي چڪا هئا، پر ڪجهہ ڪري بہ نہ ٿي سگهيا. اُن ڏينهن انهيءَ بيوھہ ڪنڀارڻ جي پٽ جو وارو هو. ڪنڀارڻ جي پريشاني ڏسي ڏيول ديويءَ کانئس ماجرا پُڇي. ان کان پوءِ ڏيول ديويءَ، ڪنڀارڻ جي پٽ جي جان بچائڻ جو وعدو ڪيو ۽ ڳڙسي راجا جي ڳڙھہ (ڦرڙيءَ) تي پلئہ هڻي، کيس بيماريءَ مان ڇوٽڪارو ڏياريو. ڳڙسي راجا خوش ٿي کيس نوازڻ جي خواهش ڏيکاري، پر ڏيول ماتا، ڌن دولت وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهن راجا کيس 18 ذاتيون عقيدت طور ڏنيون، جن ۾ ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، بجير، مالهي ذاتيون وغيرہ شامل هيون، جيڪي اڄ تائين ڏيول ماتا جا شيواڌاري آهن.
ڏيول ماتا جا ڪيترا واقعا ۽ چمتڪار مشھور آهن، جھڙوڪ: عمرڪوٽ جي سوڍن جي گادي نشيني، پاري نگر جي راڻي ڀيمي جي آزادي، ويرناٿ سواميءَ کي مور جي کنڀن مان ٺهيل پڳ پارائڻ
(جيڪا گـادي نـشـيـن اڄ تـائين پائيندا اچن) ۽ پير پٿوري کي ڪاري لوئي ڏيڻ (اڄ تائين پير پٿوري جا گادي نشين ڪاري لوئي پائيندا اچن) وغيرہ. ڏيول ماتا کي پنج نياڻيون هيون، جن مان هڪ ’ٻوٽ‘ کاروڙي ۾ رهندي هئي، ٻيءَ ٻهچرا گجرات ۾ شادي ڪئي، جنهن جي نالي سان گجرات ۾ ’ٻهچرا مندر‘ قائم ٿيو، جيڪو گجرات جي وڏن مندرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڏيول ماتا جو کاروڙي چارڻ (عمرڪوٽ) هن وقت گادي نشين پير ڏان چارڻ آهي ۽ ٿانَ جو شيواڌاري سندس ڀائٽيو ڀمرڏان آهي. ڏيول ماتا جي کاروڙي چارڻ ۾ موجود مُکيه ٿان جي موجودہ تعميرات ڏيول ماتا جي گادي نشين پيرڏان چارڻ ۽ سندس ڀائرن: ڏيوي ڏان ۽ ڪيسرڏان چارڻ ڪرائي آهي. هن ٿانُ تي هندو رسم موجب ٻڪرن جي قرباني ڪئي ويندي آهي، جنهن کي ’جهاٽڪو‘ چوندا آهن. ڏيول جي ٿان تي دسهڙي جو ساليانو ميلو لڳندو آهي ۽ ستسنگ بہ ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت نيو ڇور شھر (تعلقي عمرڪوٽ) کان اتر اوڀر طرف 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مال سانگي رهڻ دوران ڏيول ماتا هڪ ٿان ٺاهي عبادت ڪئي هئي، ان ٿان جي موجودہ تعميرات ڊاڪٽر پدم سنگهہ سوڍي ڪرائي آهي.
ان کانسواءِ ٿر ۽ پارڪر جي مختلف ڳوٺن: عمرڪوٽ، ڇاڇري، ننگرپارڪر، مامچيري، ساڪري ويري، ڏاني ڌانڌل، ڏيڻسي، راٺي چارڻ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڏيول جا مشھور ڏَهرا موجود آهن، جتي ميلا بہ لڳندا آهن ۽ پوڄا بہ ڪئي ويندي آهي.
ڏيول ديويءَ جي حوالي سان ڪجهہ ڇند (شعر) بہ مشھور آهن:
آڻي اتريا جيسلمير مين، پرچو پايو هنگلاج،
گرسي راجا ري اڦوٽي ارپي، ڏيئي هي ڪنچن سريکي،
اڍاره لوگ آئي نا سانپيا، نوڙي لئي لانٻي هاٿ.
-
پرڀاتي مُک پيکتان، هي چک راتا،
اڻهوت نہ آوي، جيري ڏيول هي ماتا.