ڏيون داس صوفي فقير مسڪين داس: ڏيوڻ داس، ضلعي بدين جي شھر ماتليءَ ۾ 1850ع ڌاري جنم ورتو. هن سنڌي، انگريزي ۽ پارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ عربيءَ جو بہ سٺو ڄاڻو هو. ڪجهہ وقت سرڪاري نوڪري ڪيائين. جڏهن سندس عمر 30 سالن تي پهتي تہ سندس ملاقات درگاھہ جهوڪ شريف جي ستين سجادہ نشين صوفي عبدالستار سان ٿي ۽ ڏيوڻ داس صوفي، فلسفي جي محبت ۾ درگاھہ جهوڪ ڏانهن ڇڪجي آيو. هن جهوڪ پهچي حضرت عبدالستار صوفي القادريءَ کان تلقين ورتي ۽ پوءِ مختيارڪار جي ڪلارڪيءَ جي نوڪري ڇڏي درگاھہ جهوڪ شريف ۾ مرشد جي خدمت ۾ رهڻ لڳو ۽ ڀانڊاري تي ننگر هلائڻ جو ڪم بہ سنڀاليندو هو ۽ پنھنجي مرشد جي صاحبزادي ولي عھد صوفي غوث بخش ۽ ننڍي ڀاءُ صوفي غلام علي اڪبر کي پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پڻ ڏيندو هو. ڪافي عرصو درگاھہ جهوڪ شريف ۾ گذارڻ بعد پاڻ مرشد کان موڪلائي واپس ٽنڊي غلام عليءَ ۾ رهڻ لڳو. هو سال ۾ ٽي چار ڀيرا درگاھہ صوفي شاھہ عنايت شھيد تي اچي رهندو هو ۽ ڀانڊاري جي خدمت ڪندو هو. هو حڪمت پڻ ڪندو هو ۽ درگاھہ تي ايندڙ مسڪين ۽ بيمار مريدن جي مفت دوا ڪندو هو. سندس ان خدمت جي ڪري ڏيوڻ داس نالي مان ڦري سندس نالو ’صوفي فقير مسڪين داس‘ سڏجڻ لڳو. فقير مسڪين داس پنج وقت نماز پڙهندو هو. ڪيترا مسلمان کيس ’محمد مسڪين‘ جي نالي سان سڏيندا هئا. هن پنھنجي وفات کان چار پنج ڏينهن اڳ ۾ پنھنجي مريدن ۽ معتقدن کي گڏ ڪري وصيعت ڪئي تہ جيڪڏهن مان هن فاني دنيا کان هليو وڃان تہ اوهان سڀني کي اها هدايت ٿو ڪريان تہ مون کي باھہ ۾ نہ ساڙجو. مون کي غسل ۽ ڪفن ڏئي جنازي نماز پڙهي پوءِ هن جاءِ تي دفن ڪجو. ڏيوڻ داس ’فقير مسڪين داس‘ 1922ع ڌاري وفات ڪئي. سندس وصيعت موجب آخري رسمون ادا ڪيون ويون. ’صوفي مسڪين داس‘ جو ميلو هر سال 24 جمادي الاول جي مهيني ۾ ٽنڊي غلام علي، ضلعي بدين ۾ ملهايو ويندو آهي، جتي سوين هندو توڙي مسلمان گڏجي مٿس عقيدت جا گل وکيريندا آهن.