ڏيپارجا (شھر): هي پراڻو شهر، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ آباد آهي. هي شھر 12 هزار کان مٿي آبادي ۽ 25 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هن شھر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. شھر کي هاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول، پرائمري اسڪول، پوسٽ آفيس، پوليس ٿاڻو، بنيادي صحت مرڪز، گئس، واٽر سپلائي ۽ بجليءَ جون سهولتون ميسر آهن. هي شھر ضلعي جي سڀني شهرن سان روڊن ذريعي ڳنڍيل آهي. هي پهرين ڳوٺ هو، جيڪو پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ ترقي ڪري گهڻو وڌيو ۽ بعد ۾ شھر بڻجي ويو. شھر جي درگاهن جي مقبرن ۾ ڪم آيل سرون ميان يار محمد ڪلهوڙي جي قبي ۾ استعمال ٿيل سرن سان مشابهت رکن ٿيون، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هي شھر ڪلهوڙا دؤر يا ان کان اڳ آباد هو. ڏيپارجا ۾ ان دؤر ۾ رستا نہ هوندا هئا. ان ڪري آمد و رفت جو ذريعو جانور يا دريائي ٻيڙا هوندا هئا. هتي مشھور بزرگن سيد عبدالوهاب شاھہ بخاري، دائود پير، سيد نظر محمد شاھہ جيلاني اول ۽ دوم، سيد حامد شاھہ ۽ ٻين جون مزارون آهن. هتي سيد، سومرا، سرهيا، سولنگي، سيال، ڪوريجا، سهتا، ڏيپر، چنا، ملاح، دايا، ڊکڻ، جکڙ، مگسي، اتيرا، پڃارا، عباسي، ڏهر، خاصخيلي، سنديلا، ميتلا، اوڏ، ٿهيم، مڱڻهار، عالماڻي، سابقي، مري، ڀرٽ، چانڊيا، شيخ، راجپوت، ڀٽي، سما ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهائش پذير آهن.