ڏيپلائي عبدالرحمان

ڏيپلائي عبدالرحمان

ڏيپلائي عبدالرحمان

ڏيپلائي، عبدالرحمان: مشهور عالم ۽ اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي فرزند، اديب ۽ صحافي عبدالرحمان ڏيپلائيءَ، 4 جنوري 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ 1962ع ۾ ڪيائين. ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايل. ايل. بي 1978ع ڌاري ٺٽي ڪاليج مان ڪيائين. 1968ع ۾ ٺٽي ۾ فئملي پلاننگ آفيسر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سوشل سيڪيورٽي کاتي ۽ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. 1974ع ۾ سنڌ روڊس ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ٽريفڪ مئنيجر ٿيو. جنهن بعد رورل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 1976ع ڌاري مارڪيٽنگ آفيسر رهيو. وري فلور ملنگ ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿيو، 1977ع ۾ پاسڪو ميهڙ ۽ شهدادپور ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر رهيو. 1980ع کان 1988ع تائين سعودي ٽيليفون کاتي، رياض، سعودي عرب ۾ اهم عهدي تي رهيو. هن والد سان گڏجي سنڌ ٽائيمس، هفتيوار انسان، ماهوار وطن ڊائجيسٽ جاري ڪيا.
ٻه پريسون: اسلاميه پرنٽنگ پريس ۽ قرآن پرنٽنگ پريس هلايائين. رورل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ مان 4 جنوري 2006ع تي رٽائر ٿيو. هن وقت هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. 19 جولاءِ 1985ع تي پنهنجي سؤٽ شهناز قاضيءَ سان شادي ڪيائين. اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ چار ڌيئرون اٿس.
عبدالرحمان ڏيپلائيءَ جا مضمون ۽ ڪهاڻيون روزانه جنگ ۾ ’ناقابل فراموش‘ جي عنوان هيٺ ۽ اخبار جهان سميت روزاني عبرت جي ادبي صفحي ’تخليقڪار‘ ۾ شايع ٿيا آهن. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي روزانه سنڌ ٽائيمس ۾ چيف رپورٽر به رهيو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.01.04  عيسوي

عبدالرحمان ڏيپلائيءَ، 4 جنوري 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


2006.01.04  عيسوي

عبدالرحمان ڏيپلائي رورل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ مان 4 جنوري 2006ع تي رٽائر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيمس ينگ سمپسن
شيخ محمد 2
ڀڳت واڌورام
برڪت علي چوهاڻ
رحيم بخش قريشي
عصمت الله عرف راجو پٺاڻ
ڄام ڏاتار (بزرگ)
چوڌري خليق الزمان
حسين بخش ناريجو
ٿرڙي سنجر ڀٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون