
ڏيپلائي محمد عثمان

محمد عثمان ڏيپلائي اسڪول حيدرآباد

محمد عثمان ڏيپلائي پرائمري اسڪول (مئن) ڏيپلو
ڏيپلائي، محمد عثمان (1908-1981ع): سنڌ جو ناميارو عالم، صحافي، مزاحمتي اديب، ناول نگار، مضمون نويس، نقاد ۽ پبلشر محمد عثمان ڏيپلائي، 13 جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ڏيپلي ۾ هڪ ننڍڙي واپاري حبيب ﷲ ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. ستن ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ هجڻ سندس تعليم توڙي خانداني ذميوارين تي وڏو اثر وڌو.
سندس تعليم ڇھن ورهين جي ڄمار ۾ ڏيپلي جي پرائمري اسڪول کان شروع ٿي. ڪلاس ۾ سندس شمار هوشيار شاگردن ۾ ٿيندو هو ۽ گهڻو ڪري پهريون نمبر کڻندو هو. ڏيپلي ۾ پرائمريءَ کان وڌيڪ تعليم جو بندوبست نہ هئڻ ڪري اُن دور ۾ باقاعدي وڌيڪ تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. سنڌي فائنل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جي عمر جي پابندي هئي، تنهنڪري ٻہ ٽي سال گهر ۾ ئي هِتان هُتان ڪتاب هٿ ڪري پڙهندو رهيو. ان واندڪائيءَ واري دور ۾ هڪ مولويءَ کان ’زليخا‘ تائين فارسي سکيو ۽ ٻئي طرف هندي، گُرمکي (لپي)، اردو، عربي ۽ ڪجهہ قدر انگريزي پڻ سکي ورتائين. نجوم، رمل، سامد رڪ جي ڄاڻ بہ حاصل ڪيائين. توڙي جو انهن علمن ۾ سندس ويساھہ بلڪل نہ هو. اڳتي هلي، گهڻو گهڻو پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل ۽ 60 ورهين جي ڄمار ۾ 1968ع ۾ حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.
ڏيپلائي صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي آکاڻيون، قصا ۽ ناول پڙهڻ جو گهڻو شوق هو. مذهبي ڪتابن ۾ قصا پيو ڳوليندو هو. سندس حافظو نهايت سٺو ۽ مطالعي جي رفتار تمام تيز هئي. اسڪول ۾ تاريخ نهايت شوق سان پڙهندو هو. لکڻ پڙهڻ جي شوق کيس ننڍيءَ عمر ۾ ئي اديب ۽ صحافي بڻائي ڇڏيو. ڏهن ورهين جي عمر ۾ پنھنجي هم ڪلاسي دوستن لاءِ هٿ سان لکيل اخبار ’فرحت آثار‘ ڪڍيائين، جنهن ۾ سڄي هفتي ۾ پڙهيل ۽ ٺاهيل آکاڻيون لکي دوستن کي پڙهي ٻُڌائيندو هو.
ڏيپلائي صاحب جي ادبي لکڻين جي شروعات اردوءَ ۾ 1924ع ۾ 16 ورهين جي ڄمار ۾ ٿي. هندستان جي نامور عالم علامہ حسن نظاميءَ جي ادارت ۾ نڪرندڙ علمي رسالي ’منادي‘ ۾ محمد بن قاسم بابت شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ ڪي تاريخي غلطيون هيون، جن جي نشاندهي ڪندي هن هڪ خط لکيو، جيڪو علامہ نظاميءَ کي ايڏو تہ وڻيو، جو ٿوري تصحيح ڪري، ان کي هڪ مضمون جي صورت ڏيئي ’منادي‘ رسالي ۾ ڇپي ڇڏيائين.
ٿر ۾ مسلسل ڏُڪاري حالتن جي ڪري ڏيپلائي صاحب 16 سالن جي ڄمار ۾ ڏيپلو ڇڏيو. اول ٽنڊي باگي ۽ لاڙ ۾ ننڍي پيماني تي واپار ڪيائين. سندس شادي 18 ورهين جي ڄمار ۾ ٿي، تنهنڪري لاچار کيس نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي. فائنل پاس نہ هئڻ ڪري کيس سرڪاري نوڪري نہ ٿي ملي سگهي. ان ڪري مجبوراً کيس وڏيرن جي منشيگيري ڪرڻي پئي. سندس شروعاتي پگهار 10 روپيا هو. 1930ع ڌاري عمرڪوٽ جي زميندار خانصاحب عطا محمد پليءَ وٽ پهتو، جتي ويهارو سال کيس نهايت شفقت ۽ عزت ملي. سندس پگهار وڌي وڃي 500 روپين تي پهتو، اُتي کيس لکڻ پڙهڻ جي بہ آزادي هئي، ان ڪري هن انهيءَ عرصي ۾ سؤ کن ننڍا وڏا ڪتاب لکي شايع ڪرايا.
ڏيپلائي صاحب جو پهريون افسانو ’چنڊ سھڻو يا انسان‘ حڪيم خليق مورائيءَ جي رسالي ’ترقيءَ‘ ۾ ڇپيو. پوءِ ’علمي دنيا‘ ۽ ’مخلص‘ رسالن ۾ سندن افسانا لڳاتار ايندا رهيا. هڪ اندازي مطابق سندن افسانن جو انگ 200 کان مٿي ٿيندو. انهن افسانن جا موضوع گوناگون آهن. ڏيپلائي صاحب جو پهريون ڪتاب ’قرآني دعائون‘ 1934ع ۾، سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ شايع ڪيو ۽ ان جا چار ايڊيشن ڇپيا. ڏيپلائي صاحب جي اسلامي ناولن جي باقاعدي شروعات آڪٽوبر 1938ع ۾ ’سنگدل شھزادي‘ سان ٿي. اهو دور ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي. انگريزن ’ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو‘ واري پاليسيءَ تي هلندي هندو مسلم نفاق جو بنياد وڌو. ڪجهہ لالچي ۽ شر پسند ڌرين کي انگريزن استعمال ڪيو. سنڌيءَ ۾ ڊزن کن مسلم آزار ناول آندا ويا، انهيءَ صورتحال ۾، مولانا
خير محمد نظاماڻيءَ جي ترغيب تي ڏيپلائي صاحب ’سنگدل شھزادي‘ لکيو، پر نظاماڻي صاحب مالي تنگيءَ سبب ڇپائي نہ سگهيو. آخر ڏيپلائي صاحب، پنجاھہ روپيا اوڌر کڻي ميرپورخاص ۾ ’اسلاميہ دارالاشاعت‘ جو بنياد رکي ’سنگدل شهزاديءَ‘ سان عبرت ڪتابي سلسلي جي ابتدا ڪئي، جنهن ۾ لاڳيتو هر مهيني هڪ ناول اچڻ شروع ٿيو. 1941ع ۾ انهيءَ سلسلي کي ماهوار ’عبرت‘ جي صورت ملي. آگسٽ 1944ع ۾ اُن کي هفتيوار ڪيو ويو. انهيءَ دور (1938ع کان 1948ع) ۾ ڏيپلائيءَ جي لکڻين سنڌ جي نوجوانن ۾ خود اعتماديءَ ۽ خودداريءَ جي لھر آندي. ڏيپلائيءَ جي ڪتابن، ناولن، ايڊيٽوريلن، ڪالمن ۽ مضمونن جو مقصد سنڌي مسلمانن ۾ شاندار ماضيءَ جي ڄاڻ پيدا ڪرڻ سان گڏ منجهن انهن خباثتن جي شناخت پيدا ڪئي وئي، جن سندن زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. هن جي نظر ۾ اهي خباثتون هيون: ڌاريا حڪمران، وياج خور واپاري طبقو، انگريزن جو وفادار وڏيرو، سندن ايمان تي ڌاڙا هڻندڙ بدڪار ۽ بيڪار، نام نهاد مرشدن جو ٽولو ۽ ديني احڪامن جي غلط تشريح ڪندڙ جاهل ۽ بدعتي مُلو.
ان دور جي ڏيپلائيءَ جي ناولن ۾ گلستان حسن، حور بغداد، روم جي راڻي، هوشربا شهزادي، نازنين يورپ، دختران اسلام، فتح فلسطين، نيل ڪنوار، غازي صلاح الدين، فتح اسپين، آخري اميد، ڪاشيءَ جا پاپڙ، ڪنيز اسلام، ايراني شهزادي، شير شاھہ ۽ همايون، نور توحيد، عروج اسلام، شوڪت اسلام، جلوہ اسلام، گمراھہ مسلمان، فتح ايران، سبڪتگين ۽ جئہ پال، سومناٿ جي سندري، سنگدل شهزادي، چين جو چنڊ، قسطنطنيه جي شهزادي، آفريقه جي شهزادي، جنگ ترڪ و جرمن، بلبل ايران، عرب جي لاڏي، فتح پاڪستان شامل آهن. ان دور جو مشھور ترين ناول ’رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل‘ هو، جيڪو ميلارام واسواڻيءَ جي ناول ’مغل رنگ محل‘ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. هي ٻئي ناول فرقي پرستيءَ جي خدشي کي مدنظر رکي انگريز سرڪار پاران ضبط ڪيا ويا.
پاڪستان تحريڪ ۾ بہ ڏيپلائي صاحب جو قلمي ڪردار رهيو. هو مسلم ليگ ۾ باقاعدي شامل نہ ٿيو. ڇو تہ کيس وڏيءَ حد تائين مسلم ليگي اڳواڻن جي شخصي ڪردار کان نفرت هئي. هو ان وقت مذهبي حوالي کان مولانا مودوديءَ جي اسلامي نظريي کان متاثر هو. هن جي نظر ۾ مولانا مودوديءَ جي نظريي کي عملي صورت وٺائڻ لاءِ پهرئين مرحلي ۾ ’پاڪستان جو حصول‘ ضروري هو، ان ڪري هن پنھنجي تحريرن ۾ پاڪستان جي تائيد ڪئي.
ورهاڱي ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ حاڪمن جا ارادا ۽ عمل ڏيپلائيءَ جي سوچن ۽ خواهشن جي بلڪل اُبتڙ نڪتا. 1940ع واري ٺهراءُ ۾ رياستن کي ڏنل آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي نفي ڪئي وئي. 1948ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪيو ويو. 1954ع جي آخر ۾ سنڌ جي تشخص کي ختم ڪيو ويو. ونيونٽ ٺاهڻ واري قدم ڏيپلائيءَ جي ذهن کي ڌوڏي ڇڏيو. ملڪي ۽ بين الاقوامي صورت حال جي نئين سر تجزيي ۽ مطالعي بعد هو ان نتيجي تي پهتو تہ ”سڀ کان اول آهي پنهنجو وجود ۽ پنهنجو وطن . . . جنهن کي نہ آهي تڏو، سو آهي جڏو ! . . .“ سندس نظريو هو ته، ”هر دور انديش اديب ۽ اڳواڻ کي گهرجي تہ هو پنھنجي قوم کي خوب سجاڳ ڪري ۽ ان کي پنھنجي وطن جي محبت ۾ اهڙو سرشار ڪري، جو ان کي ڪو بہ ڀنڀلائي نہ سگهي!“ قوم پرستيءَ جي انهيءَ جذبي هيٺ ڏيپلائي صاحب، سنڌي عوام کي سجاڳ ڪرڻ ۽ کين ٻين ملڪن ۾ اُٿندڙ قومي تحريڪن ۽ حالتن کان آگاھہ ڪرڻ لاءِ پنھنجي مخصوص طرز تحرير ذريعي ’جپاني گڏي‘، ’1857ع جي آزاديءَ جي جنگ‘، ’غازي انور پاشا‘، ’سسي نيزي پاند‘ (دوستو وسڪيءَ) ۽ ’امڙ‘ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو) جھڙا ناول لکيا ۽ ترجما ڪيا، جيڪي وقت جي سرڪار ضبط ڪيا. انهيءَ کان سواءِ سندس ٻيا ناول: ڪنول ڪلي، سمرقند جو صوف، ڪوريا جي ڪنوار، مجاهد ڪشمير، مصطفيٰ ڪمال، ريف جو مجاهد، سوڊان جي سونهن وغيرہ بہ گهڻو ڪري اهڙن ئي موضوعن تي لکيل هئا. سن 1963ع ۾ قيد دوران لکيل سندس ناول ’سانگهڙ‘ جو شمار وطن پرستيءَ ۽ مزاحمت جي حوالي سان سنڌيءَ جي شاهڪار ناولن ۾ ٿئي ٿو. هي ناول حر تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو هو، جنهن جا ڪيترا ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ ان جو اردو ترجمو بہ لاهور مان ڇپجي چڪو آهي.
مطالعي جي وسعت ڏيپلائي صاحب جي ذهن ۽ دل مان هر قسم جو تعصب ۽ ڪٽرپڻو ڪڍي ڇڏيو. سندس نظر ۾ هر مظلوم انسان خواه ڪهڙي بہ ملڪ، مذهب، فرقي، ذات ۽ طبقي جو هجي ان جي حمايت بنا ڪنهن ڊپ ڊاوَ ۽ مصلحت جي ڪرڻي آهي. اهڙيءَ طرح هو ڪڏهن بہ مدي خارج سوچ جو نہ رهيو. معاشري جي هر خاميءَ ۽ اوڻائيءَ خلاف جهاد ڪيائين. سندس ڪتاب گلستان حسن، مصطفيٰ ڪمال، ٽيپو سلطان، شاهدي، نجومي، سجائي موڙي وغيرہ اهڙيءَ سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا.
نون خيالن واري انسان دوست ڏيپلائيءَ پنھنجي مطالعي ۽ مشاهدي کي پڙهندڙن آڏو آڻڻ لاءِ ’اسلاميہ دارالاشاعت‘ سان گڏ ’ادارہ انسانيت‘ قائم ڪيو ۽ ماهوار ’انسان‘ جاري ڪري، جديد ادب جا عمدا ڪتاب ’چار داڻا‘، ’ماڻهو ۽ ڌرتي‘، ’آمريڪي شاعر‘، ’ڏکڻ مان سج ٿو اُڀري‘ (ترجمو)، ’امڙ‘ (ترجمو)، ’هاريءَ جي سجاڳي‘ ۽ دکن جا مجاهد‘، پيغام لطيف (جي. ايم. سيد) وغيرہ شايع ڪيائين.
ڏيپلائي صاحب سماجي ۽ سياسي مسئلن جي نشاندهي ڪندي ننڍا وڏا 14 ناٽڪ لکيا. سندن پهريون ناٽڪ ’غيرت عرف نورجھان جو پٽ‘ 1941ع ۾ شايع ٿيو. ناٽڪ ۾ جهانگيري عدل ۽ مذهبي پاسداريءَ جا موضوع کنيل هئا. ساڳئي سال تعليم جي موضوع تي ’سجائي موڙي‘ ناٽڪ قلمبند ڪيائين. سياسي صورتحال تي روشني وجهندڙ سندس ٻہ طويل ڊراما ’ڪانگريسي ڄار‘ ۽ ’ڪانگريس‘ سن 1945ع ۽ 1946ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ’ڪانگريسي ڄار‘ ۾ 1937ع وارين چونڊن کان پوءِ مسلم اقليتي علائقن ۾ ڪانگريس جي پاليسين تي طنز ۽ مزاح ۾ تنقيد ٿيل آهي. سن 1948ع ۾ ڇپيل سندس ناٽڪ ’شاهدي‘ ۾ ڪورٽن ۾ ڪوڙين شاهدين ۽ پيشہ ورن شاهدن کي طنز ۽ مزاح ذريعي وائکو ڪيو ويو آهي. هي ناٽڪ 1956ع ۾ وڌائي ۽ سڌاري سه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇاپيو ويو. هن ناٽڪ کي غير معمولي پذيرائي ملي. هي ناٽڪ بمبئيءَ مان نڪرندڙ ’سنڌو‘ رسالي ۾ بہ شايع ٿيو ۽ حيدرآباد ۾ 1980ع ۾ منعقد ڪيل ’سنڌي ناٽڪن جي هڪ صدي‘ واري تاريخي جشن ۾ صديءَ جي اهم ناٽڪن ۾ شامل ڪري اسٽيج ڪيو ويو. 1949ع ۾ ڇپيل ’اسلام تي مقدمو‘ ناٽڪ ۾ نام نهاد اسلامي نظام کي وائکو ڪيو ويو آهي. 1948ع ۾ لکيل ناٽڪ ’نجوميءَ‘ ۾ ويساھہ وسوڙلن جو نجومي ٺڳن هٿان بيوقوف بنجڻ جو احوال ڏنو ويو آهي. سن 1956ع ۾ ڪڇي ۽ ٿري سنڌيءَ ۾ لکيل سندس شرڪ خلاف لکيل ناٽڪ ’واڀيڙو‘ سماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. ساڳئي سال هالا ادبي ڪانفرنس ۾ لاهور ۾ ويٺل، سنڌ جي حالتن کان اڻواقف ۽ بيپرواھہ حاڪمن کي طنز جو نشانو بنائيندڙ ناٽڪ ’ڏڪار‘ پيش ڪيائين. 1957ع ۾ لکيل سندس ناٽڪ ’ڊاڪٽر‘ ۾ ڏيکاريل آهي تہ ڊاڪٽرن جي غير همدردانه رويي سبب اقليتي فرقي جا ماڻهو پنهنجن کان مايوس ٿي غيرن جي مدد وٺڻ تي مجبور ٿين ٿا. 60-1959ع ۾ ايوبي دور جي بنيادي جمهوري نظام بابت لکيل ناٽڪن ’آزاد چونڊ‘ ۽ ’پئنچائتي پدمڻي‘ ۾ عوام جي اميدن ۽ انهن جي راھہ ۾ آيل رڪاوٽن کي موضوع بنايو ويو. ڊرامه ’مرزا جاني بيگ‘ ۾ سنڌ ۾ ارغونن جي دور جي ظلمن جي عڪاسي ڪيل آهي. ڏيپلائي صاحب پنھنجي آخري ڊرامي ’بي وقتي ٻانگ‘ ۾ عباسي دور ۾ انصاف حاصل ڪرڻ جي طريقي جو ذڪر ڪيو آهي. هن ۾ 1957ع ۾ لکيل طويل ناٽڪ ’ڪورٽ‘ ۾ عدالتي نظام جي اوڻاين جو ورجاءُ ڪيل آهي.
ڏيپلائي صاحب جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 150 کان مٿي آهي ۽ جيڪڏهن اهو سمورو مواد جيڪو مختلف رسالن، خاص ڪري هفتي وار ’انسان‘ ۾ ڇپيل افسانن، ايڊيٽوريلن، ڪالمن ۽ مضمونن وغيرہ کي شامل ڪيو وڃي تہ انهيءَ تعداد ۾ ڪافي اضافو ٿي سگهي ٿو. سندس قلمي پورهيو ويهين صديءَ ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ وڏي ۾ وڏو قلمي پورهيو سمجهيو ويو آهي. مرزا صاحب هر موضوع تي سنڌيءَ ۾ مواد پيش ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي. بي بھا خدمت ڪئي، جڏهن تہ ڏيپلائي صاحب معاشري جي اصلاح لاءِ مزاحمتي ۽ مقصدي ادب تخليق ڪيو. ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ڏهاڪو کن درسي ڪتابن ۾ بہ مواد ڏنو. سڀ کان وڏي خصوصيت، جنهن ڏيپلائيءَ کي امتياز ۽ فوقيت بخشي، سا آهي سندس اوهام پرستيءَ ۽ شرڪ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد. سندس طبيعت ۾ اها بغاوت مشھور موحد مبلغن مولانا عبدالرحيم پڇمي ۽ مولانا حاجي احمد ملاح وغيرہ جي تعليمات سان پيدا ٿي. انهيءَ موضوع تي هن بيشمار افسانا، مضمون ۽ ناول قلمبند ڪيا.
ڏيپلائي صاحب 1941ع کان پنھنجي وفات تائين چاليھہ سال عملي طرح صحافت سان وابستہ رهيو. سندس صحافت هميشہ مجاهدانه رهي. هن سنڌي سماج جي سمورن استحصالي طبقن، بدعتن، جاهلانه ريتن رسمن خلاف مسلسل احتجاج جاري رکيو ۽ عوام جي ذهني تربيت ڪئي. ماهوار عبرت جو اجراءِ اپريل 1941ع ۾ ٿيو. آگسٽ 1944ع ۾ عبرت کي هفتيوار ڪيائين ۽ 1955ع کان اها روزانہ اخبار ٿي، جيڪا آگسٽ 1957ع ۾ قاضي برادران جي حوالي ٿي ۽ هن وقت بہ انهيءَ جو شمار پاڪستان جي اهم سنڌي اخبارن ۾ ٿئي ٿو. ڏيپلائي صاحب 1953ع ۾ ماهوار ’انسان‘ جاري ڪيو، مئي 1959ع ۾ ’هفتيوار انسان‘ جي شروعات ڪيائين. هي رسالو ڏيپلائي صاحب جي ترقي پسندانه قوم پرستيءَ واري سوچ جو ترجمان ٿي اُڀريو. سماجي اوڻاين ۽ ڏاڍاين جي تذڪرن سان گڏ رسالي ۾ سنڌي عوام جي ذهني تربيت لاءِ انساني ارتقا بابت سائنسي نظريي جي آسان زبان ۾ تشريح، شرڪ خلاف مضمون ۽ افسانا، سنڌي تھذيب ۽ زبان تي ٿيندڙن اڳراين خلاف جهاد، جديد ادبي نظرين کان آگاهي، ٻارن جا صفحا، عورتن لاءِ صفحا، فلمي صفحا، دنيا جھان جون خبرون، انهن تي تنقيد ۽ تبصرا، مطلب تہ هر لحاظ کان هي هڪ جامع رسالو هو. اهم موضوعن تي انسان جا خصوصي نمبر پڻ نڪتا، جن ۾ ابراهام لنڪن، لوممبا، ٽالسٽاءِ، سچل سرمست، ڀٽائي، عيد ميلاد، سنڌ مدرسہ نمبر وغيرہ شامل هئا. هن رسالي تي فيبروري 1961ع ۾ گورنمينٽ طرفان بندش وڌي وئي. 1957ع ۾ ڏيپلائي صاحب ڪجهہ عرصي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي مخزن مهراڻ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو. 1970ع ۾ هن روزنامه ’سنڌ ٽائيمز‘ جاري ڪئي، جيڪا سندس وفات تائين هلندي رهي. هن سيپٽمبر 1978ع کان ماهوار ’ساڻيھہ ڊائجيسٽ‘ شروع ڪيو، جيڪو سندس وفات تائين جاري رهيو. ڏيپلائي صاحب جي دوستن، اديبن ۽ عالمن سان خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. هفتيوار ۽ ماهوار عبرت ۾ علمي، ديني ۽ سياسي سوالن جا جواب بہ ڏيندو هو. کيس خط و ڪتابت جمع ڪرڻ جي ضرورت محسوس تہ نہ ٿي، البت سندس محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي،
جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشدي سان خط و ڪتابت جاري رهي، جن مان سندس خط نگاريءَ جي نرالي طرز نگارش معلوم ٿئي ٿي.
اسلامي تعليم ۽ تشريح تي ڏيپلائي صاحب کي وڏو عبور هو. ان ڏس ۾ هن قرآن شريف جو با محاورہ ۽ سليس ترجمو ترتيب ڏئي جديد طريقي سان 1949ع ڌاري ڇپايو. ان کان سواءِ ڪيترائي ديني ڪتاب لکي ۽ لکرائي شايع ڪرايا، جن ۾ مولانا حاجي احمد ملاح جا توحيدي شاعريءَ وارا مجموعا، سندس نظم ۾ قرآن شريف جي شروعاتي پاره الم ۽ پاره سبقول جا ترجما، انتخاب صحيح بخاري، سنڌي ترجمي سان (علامہ وفائيءَ سان گڏ)، قرآني دعائون، قرآني خزانو، صداقت القران، مطالب القران، ارشاد القران وغيرہ شامل آهن. لطيفيات جي موضوع تي بہ ڏيپلائي صاحب گهڻو ڪم ڪيو. 1945ع ڌاري کيس شاھہ ڏانهن منسوب ڪلام ۾ ڪافي بيت اسلامي تعليمات جي خلاف نظر ۾ آيا، جيڪي سندس خيال ۾ ڪن ٻين جا هئا، جيڪي ڀٽائي صاحب جي نالي منسوب هئا. اهڙا بيت هن هفتيوار عبرت ۾ ڏيڻ شروع ڪيا، جيڪي پوءِ ’ککر ۾ کڙو‘ جي نالي سان ڪتاب ۾ گڏ ڪري ڇپايا ويا. اڳتي هلي 1950ع ڌاري شاھہ جي ڪلام جو هڪ جامع نسخو ڇپايائين، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻا بيت ۽ سُر شامل هئا. سندس خيال هو تہ شاھہ جي ڪلام ۾ ڌارين ڪلام جو هجڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر اهو ڪلام ضايع بہ نہ ڪرڻ گهرجي. هن 1963ع ۾ شاھہ جي رسالي جو پاڪيٽ سائيز ايڊيشن پڻ ڇپرايو. انهيءَ رسالي جو نئون ايڊيشن تازو ئي مارڪيٽ ۾ آيو آهي.
نفسيات جي موضوع تي ڏيپلائي صاحب ٽي ڪتاب ترجمو
ڪري شايع ڪيا. ڊاڪٽر صادق جي اردو ڪتاب ’زندگي تابندگي‘ جو سنڌي ترجمو ’چمڪندڙ زندگي‘، ڊيل ڪارينگيءَ جي ڪتاب جو ترجمو ’راحت ڀري زندگي‘ ۽ هڪ ٻيو ترجمو ’بهتر زندگي‘ پڻ شايع ڪيائين.
اردودانن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ’سنڌي استاد‘ ۽ سنڌين کي اردو سيکارڻ لاءِ ’اردو استاد‘ ڪتاب بہ لکيائين.
ڏيپلائي صاحب شاعري بہ ڪئي. ابتدائي روايتي عشق ۽ فراق جي موضوع واري شاعري سندس ڊرامن ۾ استعمال ٿي. پنجاھہ جي ڏهاڪي کان پوءِ طنزيہ ۽ سياسي شاعري بہ ڪيائين. کيس اردو، هندي ۽ فارسي شاعريءَ جو وڏو مطالعو هو، جن جو موقعي ۽ مھل سان استعمال ڪندو هو.
تنقيدنگاريءَ ۾ ڏيپلائي ڪافي ڪم ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ ’بقول اياز‘ جو مهاڳ ۽ سه ماهي مهراڻ ۾ چاليهارو ڪتابن تي سندس تبصرا ڇپيل آهن.
ڏيپلائي صاحب سٺو ڪالم نگار بہ هو. پنھنجي اخبارن، ماهوار، هفتيوار ۽ روزانہ عبرت کان سواءِ روزنامه ’هلال پاڪستان‘، روزنامه ’نواءِ سنڌ‘ ۽ قاضي برادران واري ’عبرت‘ ۾ مختلف قلمي نالن سان سندس ڪالم ڇپبا هئا. هفتيوار ’انسان‘ ۾ سندس ڪالم ’نرالا نظارا‘ ۽ ’گامونءَ جا گفتا‘ نهايت مقبول ٿيا. جنگ اردوءَ ۾ بہ سندس ڪجهہ ڪالم شايع ٿيا. سندس تحقيقي مضمون، هفتيوار ’انسان‘، هفتيوار ’عبرت‘، ماهوار ’نئين زندگيءَ‘ ۾ ڇپيا. شخصيتن/ سوانح حيات جي موضوع تي ڏيپلائي صاحب ڊزن کن ڪتاب ۽ مضمون لکيا، جن ۾ سيرت محمدي (صلي ﷲ عليہ وسلم)، سيرت الرسول (صلي ﷲ عليہ وسلم)، سيرت الحيدر (ڪرم ﷲ وجهہ)، سيرت الصديق (رضي ﷲ تعاليٰ عنه) سيرت الفاروق (رضي ﷲ تعاليٰ عنه)، سيرت الفاطمه (رضي ﷲ تعاليٰ عنه)، سيرت امام حسن (رضي ﷲ تعاليٰ عنه)، سيرت الحسين (رضي ﷲ تعاليٰ عنه)، شاھہ جيلان (رحمت ﷲ عليہ)، وهابين جو بابو (محمد بن عبدالوهاب) شامل آهن.
ان کانسواءِ سائين جي. ايم. سيد، ٽالسٽاءِ، ابراهام لنڪن ۽ لوممبا جي حياتيءَ تي مضمون ۽ پنھنجي ابتدائي آتم ڪٿا ’ننڍڙو ماڻهو، ننڍڙيون ڳالهيون‘ پڻ لکيائين. انقلابي ۽ قومپرستيءَ واري سوچ ۽ استحصالي قوتن سان مسلسل مزاحمت واري پاليسيءَ جي ڪري مالي نقصانن کان سواءِ ڏيپلائي صاحب کي ٽي ڀيرا جيل ياترا ڪرائي وئي. پهريون ڀيرو 1958ع ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏ حيدرآباد ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ (جتي سندس ملاقات فيض احمد فيض، دادا هميش گل ۽ ٻين انقلابي سوچ رکندڙن سان ٿي)، ٻيو ڀيرو سن 1961ع ۽ ٽيون ڀيرو 1976ع ۾ وقت جي وزيراعليٰ جي مرشدن خلاف ڪتاب ’شيخ المشائخ‘ لکڻ تي حيدرآباد ۽ سکر جيل ۾ ٿي. ڏيپلائي صاحب تي جتي سرڪاري عتاب نازل ٿيندا رهيا، اُتي سندس عزت افزائي ۽ قدرداني بہ ٿيندي رهي. سندس پهرئين ڪتاب ’قرآني دعائون‘ کي سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ طرفان 1934ع ۾ انعام ڏنو ويو. 1942ع ۾ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان ’امڙ‘ (ترجمو) تي، 1963ع ۾ ’سانگهڙ‘ (ناول) تي پاڪستان رائيٽرز گِلڊ طرفان ۽ ’انقلاب ايران‘ کي 1980ع ۾ بھترين سنڌي ناول جو اعزاز مليو.
ڏيپلائي صاحب کي وفات کان پوءِ 2004ع ۾ حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي اوارڊ ڏنو ويو. انهيءَ کان سواءِ قاسم آباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم روڊ ساڻس منسوب ڪيا ويا آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ميوزيم ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ سندس نالي سان ڪارنر ۽ گيليريون قائم ٿيون آهن. سنڌ ثقافت کاتي طرفان سندن سماجي خدمتن تي لکيل سندس نياڻي ثريا سوز ڏيپلائيءَ جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز شايع ڪئي وئي آهي. اڪيدمي ادبيات پاڪستان سندس شخصيت ۽ فن تي اردوءَ ۾ پـروفـيـسـر آفاق صديقيءَ جو لکيل ڪتاب شايع ڪيو آهي. تاج جويي سندس خدمتن تي ’بيباڪ صحافي ۽ انسان دوست اديب‘ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جيڪو سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ڇپايو ويو آهي. سندس اولاد طرفان ’محمد عثمان ڏيپلائي ٽرسٽ‘ قائم ڪيل آهي، جنهن جو چيئرمئن سندس وڏو فرزند محمد علي ڏيپلائي آهي. ٽرسٽ طرفان حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ علمي اسڪول سينٽر قائم ٿيو آهي. سنڌ تعليم کاتي طرفان ڏيپلي ۾ 1912ع ۾ پرائمري اسڪول (جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب تعليم حاصل ڪئي هئي) ڏيپلائي صاحب جي نالي منسوب ڪندي انهيءَ جو نالو ’گورنمينٽ محمد عثمان ڏيپلائي بوائز پرائمري (مئن) اسڪول‘ نالو رکيو ويو. ساڳيءَ طرح ’شھباز‘ ڊائجسٽ جا ٻہ خصوصي شمارا، روزنامه عبرت جا ڪيترائي خصوصي شمارا پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن. ڏيپلائي صاحب جي ’اسلاميہ پرنٽنگ پريس‘ سندس ڪتابن جي اشاعت کان سواءِ سنڌي ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ هڪ وڏي اداري جو ڪردار ادا ڪيو. ڏيپلائي صاحب ڪيترن ئي ادارن جو باني هو، جنهن ۾ اسلاميہ دارالاشاعت، ادارہ اشاعت اسلاميہ پرنٽنگ پريس، قرآن پريس، اسلاميہ پرنٽنگ پريس، ادارہ لطيفي، ڏيپلائي اڪيڊمي، ادارہ تبليغ، قرآن و حديث وغيرہ شامل آهن. هو ڪيترن جماعتن ۽ انجمنن جو سرگرم رڪن رهيو. انهن ۾ خاڪسار جماعت، جماعت اسلامي، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نيشنل عوامي پارٽي وغيرہ شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ هو ’انجمن مديران جرائد، سنڌ‘ جو باني صدر هو. سنڌي ادبي سنگت جو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ انتهائي سرگرم رڪن هو. سنگت جون ڪيتريون ئي گڏجاڻيون سندس پريس تي ٿينديون هيون. ان کان سواءِ هو پاڪ سويت ثقافتي انجمن ۽ پاڪستان رائيٽرز گلڊ جو رڪن پڻ هو.
هن ڪيترائي سير ۽ سفر ڪيا، جن ۾ هندستان جا شھر: جوڌپور، ڪالڪ ۽ ڌرمپور کانسواءِ صوبه سرحد، تورخم تائين ۽ آمريڪا شامل آهن.
ڏيپلائي صاحب ٻہ شاديون ڪيون. پهرين شادي سن 1926ع ۾ 18 ورهين جي ڄمار ۾ صفيه ٻائيءَ سان ڪيائين، جنهن مان هڪ نياڻي ٿي. پهرين زال جي وفات کان پوءِ 1930ع ڌاري ٻي شادي سڪينه ٻائيءَ سان ڪيائين، جنهن مان کيس جهجهو اولاد ٿيو، جن ۾: ڊاڪٽر حبيب الرحمان، عبدالرحمان ڏيپلائي ۽ نياڻين ۾ ملڪہ خانم، عائشہ خانم، ڊاڪٽر ثريا سوز، زينت ياسمين ۽ فاطمہ فرحت شامل آهن.
ڏيپلائي صاحب، جي. ايم. سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي سان خاص محبت رکندو هو ۽ سندن سوچ سان هم آهنگ هو.
ڏيپلائي صاحب 7 فبروري 1981ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاھہ مڪي (حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ) واري مقام ۾ آهي.
1908.06.13 عيسوي
سنڌ جو ناميارو عالم، صحافي، مزاحمتي اديب، ناول نگار، مضمون نويس، نقاد ۽ پبلشر محمد عثمان ڏيپلائي، 13 جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ڏيپلي ۾ هڪ ننڍڙي واپاري حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو.
1981.02.07 عيسوي
ڏيپلائي صاحب 7 فبروري 1981ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاهه مڪي (حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ) واري مقام ۾ آهي.