ڏيٿري (ماڳ): هيءُ قديم دڙو آهي، جيڪو ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ميرپور ماٿيلي شھر کان اوڀر اتر 24 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي يارو لنڊ طرف ويندڙ روڊ تي واقع آهي. هن دڙي جي ابتدائي کوٽائي مان معلوم ڪيو ويو آهي تہ هيءُ دڙو قديم وقت ۾ آباد وسندي هو. هتان سنڌو درياھہ جو هڪ وهڪرو ’ريڻي‘ نالي سان وهندو هو، جنهن مان ڳوڙهيلو شاخ نڪرندي هئي. هيءُ وسندي ڳوڙهيل شاخ جي ڪنڌيءَ تي واقع هئي. هن شاخ جي وهڪري جا آثار هينئر تائين موجود آهن. هن دڙي تان ٺڪراٺو، بوتا، مڻڪا وغيرہ مليا آهن، جيڪي هتي موجود وسنديءَ جا اهڃاڻ معلوم ٿين ٿا. دڙي تي تحقيق جي ضرورت آهي.