
ڏيڌڙو روشن علي
ڏيڌڙو، روشن علي: ڍولڪ نواز، روشن علي ڏيڌڙو، 1983ع ۾ ڳوٺ دين محمد جوڻيجي، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو استاد نور محمد خان آهي. فن جي سکيا استاد نذر محمد رامسريءَ کان ورتائين، جڏهن تہ سندس والد نور محمد پنھنجي دور جو وڏو ڍولڪ نواز ٿي گذريو آهي. روشن علي پهرين جوڙ شفيع فقير سان پئرس ۾ ڪيو، جتي کيس وڏو داد مليو. ان کانسواءِ دهلي، بنگلور ۽ دبئيءَ ۾ پڻ پرفارم ڪري چڪو آهي ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ قلندر لال شھباز جي ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ شموليت ڪئي اٿس. سنڌ راڳي ويلفيئر ايسوسئيشن جو ميمبر عهديدار پڻ آهي. هي هن وقت عمرڪوٽ جي مڱڻهار پاڙي ۾ رهائش پذير آهي.