ڏيڍي بنگلو خيرپور

ڏيڍي بنگلو خيرپور

ڏيڍي بنگلو خيرپور

ڏيڍي بنگلو خيرپور: هي خيرپور جي ٽالپر حڪمران گهراڻي جو يادگار بنگلو، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. هيءُ بنگلو ٻن شاندار عمارتي حصن تي تعمير ٿيل آهي. هي بنگلو مير امام بخش خان ٽالپر پنھنجي رهائشگاھہ طور تعمير ڪرايو هو، جيڪو پنھنجي وقت جي شاندار تعميرات جو نمونو آهي. بنگلي اندر پاڻيءَ لاءِ کوهن سميت شاهي گهراڻي جي رهائش لاءِ هر طرح جي سهولتن جو انتظام ڪيل هو. ٽالپرن جي وقت ۾ خيرپور رياست جي حاڪمن جي رهائشگاھہ طور استعمال ٿيندڙ هن بنگلي ۾ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ مرداني ۽ زناني اسپتال قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اسپتال 1970ع ۾ نئين عمارت ۾ منتقل ڪئي وئي، جنهن بعد هي بنگلو بند پيل آهي. ڏيڍي بنگلي جي عمارت سازي پنھنجي وقت جي يادگار تعميراتي فن جو نادر نمونو آهي، پر بي ڌياني ۽ لاوارثي جي ڪري هيءُ ثقافتي يادگار پڻ ٻين يادگارن جيئن ڊهندو ٿو وڃي.
ڏيڍي بنگلي جا ٻہ حصا آهن، جيڪي تعميراتي نقشي ۾ هوبهو هڪجهڙا آهن. عمارت کي ڳاڙهو رنگ ڪيل هو، جيڪو هينئر مڪمل طور لھي ويو آهي. عمارت جي ٻنهي حصن کي خلاصو اڱڻ آهي. چؤديواري ۾ لنگهہ لاءِ شاهي گيٽ ٺهيل آهي، جنهن جي طرز تعمير مغليه طرز تعمير جهڙي آهي. لنگهہ وارو دروازو ڪاٺ جو آهي، جيڪو شاهي گيٽ ۾ ٺاهيل ونگ ۾ چؤڪاٺي سان نصب ٿيل آهي. دروازي جي مهاڙي ۾ ٻنهي پاسن کان پانيل آهن، ديوار تي نمائشي محراب ۽ ٻيڙ ٻنو آهي، جنهن تي ڪرکڻي بيٺل ڪنگريون آهن.
عمارت جا ٻئي حصا نموني ۾ ساڳيءَ طرز جا آهن، جن مان هڪ حصي جي مرمت سيمينٽ سان ڪرڻ سبب پيڙھہ وٽان ان ۾ ڪجهہ قدر تبديليون رونما ٿيون آهن. پيڙھہ ۾ ڪٽي سنوان ڪيل پٿر استعمال ڪيل آهن. مهاڙيءَ ۾ ونگدار لنگهہ ۾ چار ڪاٺ جي چؤڪاٺن سان دروازا آهن، جن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پڪين سرن جا ڏاڪا آهن. ڪاٺ جا دروازا گهڙاوٽ ۽ بيهڪ ۾ اعلى ڪاريگري جو نمونو آهن. لنگهہ وارن دروازن جي ٻنهي طرفن کان ڪنڊون وڌايل آهن، جن مان ساڄي هٿ تي ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي، جنهن جو لنگهہ دروازي کان ٻاهرئين طرف کلي ٿو. عمارت جي مهاڙيءَ ۾ چار پانيل آهن. دروازن جي ٿنڀن تي نمائشي ننڍڙا پانيل آهن. مهاڙي ۾ دروازن کان مٿي ديوارن تي نمائشي روشندان ۽ سرن جون ڪناريون ڇڏيون ويون آهن. ٻيڙ ٻني تي چؤڌاري سرن جون ڄاريون ٺاهي اولو ڏنو ويو آهي. ٿوري مفاصلي سان ننڍا ننڍا ٿنڀ ۽ انهن تي عمارتي زيبائش لاءِ نمائشي ننڍا گنبذ آهن. مهاڙي کان ٻنهي پاسي مرڪزي ڇت کان مٿانهيون ڪوٺيون اڏي عمارت کي ماڙيءَ جي شڪل ڏني وئي آهي. ڏيڍي بنگلي جو ٻيو حصو رٿ ۾ هوبهو پهرين حصي جهڙو آهي، پر ٻئي حصي تي فقط ڏيڍ ماڙ يعني هڪ هيٺين اڏاوت ۽ مٿي ڇت جي هڪ پاسي اڌ حصي تي ڪمرا ٺاهيل آهن.
بنگلي ۾ هوا جي گذر لاءِ پاسن کان ڇھہ ڇھہ دريون ۽ مهاڙيءَ ۾ هڪ دري، جڏهن تہ مٿان روشندان بہ ڇڏيل آهن. مينهن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڇت تي نيسارا آهن. عمارت جي پويان ۽ پاسي واري حصي ۾ بہ دروازا آهن، پوئين حصي ۾ مهاڙي وارن دروازن جي ساڳي ڊزائين تي ڪاٺ جا پنج دروازا ۽ پاسن کان چار دروازا آهن. پوئين حصي ۾ نصب ڪيل دروازن مٿان روشندان ۽ انهن تي ڪاٺ جا ڇڄا نڪتل آهن. ڏيڍي بنگلو پنھنجي فن عمارتسازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. بنگلي جي پويان واري چوگان ۾ پڪين سرن جو کوھہ آهي. بنگلي جي هڪ حصي ۾ شاهي تھہ خانو بہ آهي، جيڪو ٽالپر گهراڻي جي حاڪمن جي وقت انهن جي استعمال ۾ هو.
هيءُ بنگلو تاريخي يادگار هئڻ سان گڏ سنڌ جي تعميراتي فن جو اعلى نمونو آهي. مناسب سنڀال نہ ٿيڻ سبب هن وقت شديد خطرن هيٺ آهي. بنگلي جي پيڙھہ کاڄندي پئي وڃي ۽ مٿين ماڙي جي ديوارن تان گچ جو ليپو پڻ لھڻ لڳو آهي. بنگلو هن وقت بند پيل آهي ۽ ڪنهن بہ سرڪاري سنڀال يا ورثي طور محفوظ ڪيل ناهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو